Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ علٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

حضرت عيسٰي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي مبارڪ زندگي

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                        وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                   وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعالٰي جي رِضا هجي۔ ”فتاوي شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري، ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جو چاهي ڪري (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو) ۔

دُرُودِ پاڪ جي فضيلت

 ٻنهي جھانن جي مالِڪ ۽ مُختار صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فَرمانِ دِلنشين آهي: اي انسانو! بيشڪ قِيامت جي ڏينهن ان جي دَهشتن ۽ حِساب ڪتاب مان جَلد نَجات ماڻڻ وارو شَخص اهو هوندو جنهن توهان مان مون تي دُنيا ۾ ڪثرت سان دُرُود شريف پڙھيا هوندا۔ (فردوس الاخبار ، ۲ / ۴۷۱،حدیث ۸۲۱۰ )

پڑھتا رہوں کَثْرت سے دُرُود اُن پہ سَدا میں                اور ذِکْر کا بھی شَوق پئے غَوث و رَضا دے

(وسائل بخشش مرمم،ص۱۱۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد