Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

ڀيڻ اوهان کي اِطِّلاع ڏياري موڪليو پر پاڻ عَلَيۡه السَّلَام کان ٽن  ڏينهن جي فاصلي تي هو۔ جڏهن پاڻ عَلَيۡه السَّلَام ٽن ڏينهن ۾ اتي پهتا ته معلوم ٿيو ته ان جي اِنتِقال کي ٽي ڏينهن ٿي چُڪا آهن۔ پاڻ عَلَيۡه السَّلَام ان جي ڀيڻ کي فرمايائون: اسان کي ان جي قَبر تي وٺي هل۔ اها وٺي وئي، پاڻ عَلَيۡه السَّلَام الله تعالٰي کان دعا گھري جنهن سبب عازَر حُڪمِ اِلٰهي سان زِندهه ٿي قَبر مان ٻاهر نڪتو، هڪ عرصي تائين زِنده رهيو ۽ ان کي اولاد پڻ ٿيو۔ (2) ٻيو هڪ پوڙهيءَ مائي جو ڇوڪرو جنهن جو جَنازو حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي اڳيان وڃي رهيو هو، پاڻ عَلَيۡه السَّلَام ان جي لاءِ دُعا گھري اهو زِندهه ٿي جَنازو کڻڻ وارن جي ڪنڌن تان لهي پيو،ڪپڙا پاتائون ۽ گهر آيو پوءِ زِندهه رهيو ۽ ان کي به اَولاد ٿيو۔ (3) ٽي هڪ ڇوڪري (Girl) هئي جيڪا شام جي وَقت مُئي ۽ الله تعالٰي حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي دُعا سان ان کي زِندهه ڪيو۔(4) چوٿون سَام بِن نُوْح رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه هئا جن جي وَفات کي هزارين سال گذري چڪا هئا۔ ماڻهن خَواهش ڪئي ته پاڻ عَلَيۡه السَّلَام انهن کي زندهه ڪريو!، پوءِ پاڻ عَلَيۡه السَّلَام انهن جي نشاندهي سان قَبر تي پهتا ۽ الله تعالٰي کان دُعا ڪئي۔ سام رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ٻڌو ته ڪو چوڻ وارو چئي رهيو آهي: اَجِبْ رُوْحَ الله (يعني حضرت عيسيٰ رُوحُ الله عَلَيۡه السَّلَام جي ڳالھ ٻڌ) اهو ٻڌندي ئي هو خَوف زَدهه ٿي اٿي بيهي رهيو ۽ انهن کي گمان ٿيو ته قِيامت قائم ٿي وئي، جنهن جي دَهشَت سبب ان جي مٿي جا اڌ وار سَفيد ٿي ويا، پوءِ ان حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام تي اِيمان آندو ۽ اُنهن حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام کي درخَواست ڪئي ته ٻيهر انهن کي سَڪراتِ موت جي تڪليف نه ٿئي، ان جي بغير ان کي واپَس موٽايو وڃي پوءِ انهيء وَقت اُن جو اِنتِقال ٿي ويو۔ (تفسير جمل، اٰل عمران،تحت الآية: ۴۹، ۱/۴۱۹)

(4) غيب جون خبرون ڏيڻ:

 جب حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام بيمارن کي چڱو ڀلو ڪيو ۽ مُردن کي زِندهه ڪيو ته ڪن ماڻهن چيو هي ته جادُو (Magic) آهي ٻيو