Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

اچو! ترغيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا،

مان پتنگ بازي(لغڙ  اڏائڻ) جو شوقين هئس!

بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي اڳوڻي زِندگي گُناهن ۾ گذري رهي هئي، پتنگ بازي(لغڙَ اڏائڻ) جو به شوقين هو، ويڊيو گيمز ۽ بلورراند کيڏڻ وغيره ان جي عادتن ۾ شامل هو۔ هر هڪ جي مُعامَلي ۾ ٽنگ اَڙائڻ، ماڻهن سان جھيڙو ڪرڻ، ڳالھ ڳالھ تي ڪٽ ڪرڻ جهڙين بُرائين ۾ گِرِفتار هو۔ خُوش قسمتي سان هڪ اسلامي ڀاءُ جي اِنفِرادي ڪوشِش تي هو رَمَضانُ المُبَارَڪ جي آخري عَشَري ۾ پنهنجي عَلائقي جي مسجد ۾ اعتڪاف ڪيو، جتي ان کي سٺا سٺا خواب نظر آيا ۽ گھڻو سُڪون مليو۔ ان کان پوءِ ان وڌيڪ 2 سال اعتڪاف جي سَعَادَت حاصِل ڪئي۔ هڪ ڀيري ان جي مسجِد جي مُؤَذِّن صاحِب اِنفِرادي ڪوشِش ڪري اُن کي تبليغِ قرآن ۽ سنّت جي عالمگير غير سياسي تَحريڪ دعوتِ اسلامي جي عالَمي مَدَني مرڪز فَيضانِ مدينه(باب المدينه ڪراچي) ۾ هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتِماع ۾ وٺي آيو۔ هڪ مُبَلِّغِ دعوتِ اسلامي سُنّتن ڀريو بَيان ڪري رهيا هئا جيڪي سفيد لِباس ۽ ناسي چادر ۾ هئا، چهري تي هڪ مٺ ڏاڙھي ۽ مٿي تي سبز سبز عِمامي شريف جو تاج سجايل هو۔ اهڙو بارونق چهرو ان زِندگي ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو۔ مُبَلِّغ جي چهري جي ڪشِش ۽ نُورانيت ان جي دل کٽي ورتي ۽ هو دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اُن هڪ مُٺ ڏاڙھي به سجائي ورتي آهي۔

بگڑے اَخْلاق سارے سَنْوَر جائیں گے

 

مَدَنی ماحول میں کرلو تُم اِعْتِکاف

جامِ عشقِ مُحمد بھی ہاتھ آئے گا

 

مَدَنی ماحول میں کرلو تُم اِعْتِکاف

(وسائل بخشش مرمم،ص۶۴۰-۶۴۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله تعالٰي رسولِ اڪرم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي به