Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

بيشمار معجزا عطا فرمايا هئا بلڪه پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي معجزن جي تعداد حضرت عيسٰي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي معجزن کان وڌيڪ هئي. اچو! ڪجهه معجزن جي متعلق ٻڌون ٿا. جيئن ته

حضرت عيسٰي ۽ عيسٰي جي به  آقا جا معجزا

حضرت سيدنا عيسٰي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم مردن کي زندهه ۽ انڌن کي اک وارو ۽ ڪوڙه وارن (اڇي داغ وارن) کي صحيح ڪري ڇڏيندا هئا. جڏهن ته رحمت عالم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به مردن کي زندهه ڪرڻ ۽ انڌن کي اک وارو ۽ ڪوڙهين کي صحيح ڪيائون. جڏهن خيبر فتح ٿيو ته اتان جي هڪ غير مسلم عورت پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي زهر وارو ٻڪري جو گوشت هديةً موڪليو، پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ٻڪري جي ٻانهن کنئي ۽ ان مان ڪجهه کاڌو اها ٻانهن  چوڻ لڳي ته مون ۾ زهر وڌو ويو آهي.   (شرح زرقاني، المقصد الاول، ج. 3، ص. 290)

هي مردي کي زنده ڪرڻ کان به وڌيڪ آهي، ڇو ته هي ميّت جي هڪ حصي جو زنده ٿيڻ آهي حالانڪه ان جو بقيه جيڪو ان کان الڳ هو ۽ مرده ئي هو ـ

اک دل ہمارا کیا ہے آزار اس کا کتنا                تم نے توچلتے پھرتے مردے جِلا دیئے ہیں

(وسائل بخشش، ص. 101)

شعر جي وضاحت: يا رسول الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجي غمن کي دور ڪرڻ ته اوهان صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي لاءِ معمولي ڳالهه آهي ڇو ته اوهان ته هلندڙ ڦرندڙ مُردن کي زندهه فرمائي ڇڏيندا آهيو ته منهنجي دل ڪهڙي شيء آهي ـ

            حضرت عيسٰي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جن مٽي مان پکي بڻايا جڏهن ته غزوه بدر  ۾ حضرت سيدنا عُڪاشه بن محصن رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهُ کي تلوار ٽُٽي وئي ته منهنجي آقا نبي اڪرم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ان کي هڪ خشڪ ڪاٺي عطا فرمائي جڏهن اُنهن پنهنجي هٿن ۾ کڻي ڪري لُڏائي ته اها اڇي مضبوط ڊگهي تلوار بڻجي وئي.    (شرح زرقاني، المقصد الاول، ج. 2، ص. 301) (سيرت رسول عربي، ص. 552 تا 559)