Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

اللہ کرم ایسا کرے تُجھ پہ جہاں میں                    اے دعوتِ اسلامی تِیری دُھوم مچی ہو!

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۳۱۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

قِيامت جون نشانيون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رهي! هن وَقت حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام ٻئي آسمان تي زِنده آهن ۽ قُربِ قِيامت ۾ صاحِبِ جُودو نَوال، رَسُولِ بي مِثال صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اُمَّتِي بڻجي تشريف وٺي ايندا، جيئن ته سَيدِ عالَم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرْشاد فرمايائون: حضرت عيسٰي عَلَيۡه السَّلَام منهنجي اُمَّت تي خَلِيفا ٿي نازِل ٿيندا۔ (مدارڪ، اٰل عمران، تحت الآية: ۵۵، ص ۱۶۳) حضرت سَيدُنا عيسٰي عَلَيۡه السَّلَام جي نازل ٿيڻ کان اڳ ۾ قِيامت جون ڪجھ نِشانيون به ظاهر ٿينديون جيئن ته،

صَدرُ الشَّرِيعَه، بَدرُ الطَّريقه حضرت علَّامه مَوْلانا مُفتي محمد امجد علي اَعظَمِي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: دُنيا جي فَنا ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪجھ نشانيون ظاهر ٿينديون۔ عِلم کنيون ويندو۔ جَهل (بي عِلمي) جي ڪثرت ٿيندي۔ بدڪاري جي زِيادَتي هوندي، دِين تي قائم رهڻ ايترو دُشوار هوندو جيئن مُٺ ۾ ٽانڊو کڻڻ، زڪوٰة ڏيڻ ماڻهن تي دُشوَار ٿي پوندو جو ان کي تاوان (جُرمانو) سمجھندا۔ مَرد پنهنجي عورت جو مُطِيع (فرمانبردار) هوندو۔ ماءُ پيءُ جي نافرماني ڪندو۔ گانن باجن جي ڪثرَت ٿيندي۔ دَجَّال ظاهر ٿيندو، چاليھ (40) ڏينهن ۾ حرمَينِ طيبين جي سوا تمام رُوءِ زمين جو گشت (دورو) ڪندو۔ ان جو فتنو گھڻو شديد هوندو، اهو خدائيءَ جو دعويٰ ڪندو، جيڪو اُن تي ايمان آڻيندو ان کي پنهنجي جنت ۾ وجھندو ۽ جيڪو انڪار ڪندو ان کي جهنم ۾ داخل ڪندو، کوڙ شُعبدا (يعني نظر بندي جا تماشا) ڏيکاريندو ۽ حقيقت ۾ اهي سڀ جادوءَ جا ڪرشما هوندا جِن کي واقِعِيّت(حقيقت) کان ڪجھ تَعَلُّق ناهي۔ پوءِ حضرت عيسيٰ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام آسمان تان جامِع مسجِد دِمَشق جي شَرقي ميناري تي نازل ٿيندا، لَعِين (مَردُود) دَجَّال،حضرت عيسيٰ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي ساھ جي خُوشبو سبب پگھرڻ شُروع ٿيندو،