Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

کي خبردار ڪيو ته بي زبان جانورن جي به خوبي جو ئي ذڪر ڪرڻ گهرجي۔

                        (اِحياءُ الْعُلوم، ڪتاب آفات اللسان ،۳ / ۱۷۷)  

حُسنِ   اَخلاق    مِلے  بِھیک  میں   اِخلاص   مِلے                    اِک بِھکاری ہے کھڑا آپ کے  دَربار  کے  پاس

(وسائل بخشش مرمم ، ص ۲۳۶)

مَجلِس مڪتبة المدينه

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جو اَخلاق ڪيترو پِيارو هو جو اِنسانن سان گڏوگڏ جانورن (Animals) سان به بَدسُلوڪي کان بچندا هئا ته سوچيو! ته پوءِ اَخلاقِ مُصطَفٰي جو عالَم ڇا هوندو جو جنهن سان مُتَاثِّر ٿي ڪئي غير مُسلمن اِسلام قَبُول ڪيو۔ اي ڪاش ته اسان به انهن مَعصُوم هستِين جي صدقي حُسنِ سُلُوڪ جو گُر سکڻ ۽ بَد اَخلاقي کان جان ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔ حُسنِ اَخلاق جو پيڪر بڻجڻ جو هڪ طَرِيقو فَيضانِ اَنبِيا ۽ اَولِيا سان مالامال عاشِقانِ رَسُول جي مَدَني تَحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابَسْتَه ٿيڻ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشِقانِ رَسُول جي مَدَني تَحريڪ دعوتِ اسلامي104 شُعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ مَصروف آهي، جن مان هڪ شعبو مجلس مڪتبة المدينه به آهي. شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو آغاز ۱۴۰۶ھ بمطابق 1986ء ۾ فرمايو ۽ سڀ کان پهريان بيانن جون آڊيو ڪيسٽون جاري ڪيون ويون. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مڪتبة المدينه ان مختصر عرصي ۾ جيڪا ترقي ڪئي اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، هن مُختَصَر عرصي ۾ مڪتبة المدينه تان جتي سُنّتن ڀريا بيان ۽ ميموري ڪارڊز سڄي دُنيا ۾ پهچي رهيا آهن، اتي سَرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه، اميرِ اَهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ۽ اَلْمَدِينَة الْعِلْمِية جا ڪتاب به ڇپجي لکن جي تعداد ۾ عوام جي هٿن ۾ پهچي سُنتن جا گُل مهڪائي رهيا آهن. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مڪتبة المدينه جا هن وقت تائين گهٽ وڌ 45 ذيلي شعبا قائم ٿي چڪا آهن