Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

جو اَنبار (Heaps of wealth) جمع ڪري وٺن ها، تمام مهانگو لِباس پائن ها، عُمده عُمده کاڌا کائن ها ۽ عاليشان مَحَل ۾ رهائش اِختِيار ڪن ها پر قُربان وڃجي! پاڻ عَلَيۡه السَّلَام جي سادَگي تي جو پاڻ عَلَيۡه السَّلَام هرگز ائين نه ڪيائون، بلڪه پاڻ عَلَيۡه السَّلَام فانِي دُنيا جي راحَتن ۽ آسائشن کي ڇڏي عيش ۽ عشرت سان زِندگي گذارڻ بدران هميشه سادَگي ۽ عاجِزِي ۽اِنڪساري واري زِندگي گذارڻ کي تَرجيح ڏني ۽ ٻين کي به ان جي تَرغِيب ڏياريندا رهيا، جيئن ته،

حضرت عيسٰي عَلَيۡه السَّلَام جي سادَگي ۽ نصيحتون

حضرت سَيدُنا عُمر بِن سُلَيمرَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام پنهنجي حَوارِين (يعني پنهنجي اصحابن) وٽ هن حالت ۾ تشريف کڻي آيا جو سندن مبارڪ جِسم تي اُن جو جُبَّو ۽ هڪ عام شَلوار هئي، پيرين اگھاڙي هئا ۽ مٿي تي به ڪو ڪپڙو وغيره نه هو، بُک جي ڪري سندن رنگ بدلجي ويو هو ۽ اُڃ جي شِدَّت سبب چپَ بلڪل سُڪي چُڪا هئا، پاڻ عَلَيۡه السَّلَام پنهنجن حَوارِين کي سلام ڪيو ۽ فرمايائون: اي بَنِي اسرائيل! جيڪڏهن مان چاهيان ته الله عَزَّوَجَلَّ جي حُڪم سان دُنيا (پنهنجن) تمام نعمتن ساڻ منهنجن قَدَمن ۾ اچي وڃي پر مان هن ڳالھ کي نٿو پسند ڪيان۔ اي بَنِي اِسرائيل! توهان دُنيا کي هميشه حقير (گھٽ) سمجھو، ان کي ڪا عزّت نه ڏيو اها پاڻ توهان جي لاءِ نَرم ٿي ويندي، توهان دُنيا جي مَذمَّت ڪريو توهان جي لاءِ آخِرَت سَنواري ويندي، ائين ڪڏهن به نه ڪجو جو توهان آخِرَت کي بلڪل وساري ڇڏيو ۽ دُنيا جي تعظيم ۽ تَوقِير ڪريو، بيشڪ دُنيا ڪا اِحترام لائق شيء ناهي جو ان جي تعظيم ڪئي وڃي۔ دُنيا ته توهان کي هر روز ڪنهن نه ڪنهن نئين آفَت يا نُقصَان ڏانهن سڏيندي آهي پوءِ ان جي ڌوکي کان بچو۔ پوءِ فرمايائون: اي انسانو! ڇا توهان کي خبر آهي ته منهنجو گھر ڪٿي آهي؟ ماڻهن چيو: اي الله عَزَّ وَجَلَّ جا نَبِي! اوهان جو گھر ڪاٿي آهي؟ پاڻ عَلَيۡه السَّلَام فرمايائون: مسجدون منهنجي قيام گاھ آهن، منهنجو بکايل رهڻ ئي منهنجي شِڪم سيري (پيٽ ڀري کائڻ) آهي، منهنجا پير منهنجي سُواري آهن، رات جو چمڪندڙ چنڊ منهنجو چِراغ (رَهنُما)