Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِہٖ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

 نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس  ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس  ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ڇڙٻ ڏيڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله تعالٰي ماڻهن جي هدايت ۽ رَهنمائي جي لاءِ جن پاڪ ٻانهن کي پنهنجا اَحڪام پهچائڻ جي لاءِ موڪليو انهن کي ”نبِي“ چئبو آهي، اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام اهي بَشَر (اِنسان) آهن جن وٽ الله تعالٰي جي طرفان وَحي ايندي آهي۔ اها وَحي ڪڏهن ملائڪ جي ذَرِيعي ايندي آهي (۽) ڪڏهن بي واسِطه (يعني بغير ڪنهن ذَرِيعي جي)۔ نبي سڳورا عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام گُناهن کان پاڪ آهن (۽) انهن جون عادَتون نِهايت پاڪيزه هونديون آهن۔ انهن جو نالو، نَسَب (خانداني سِلسِلو)، جِسم، قَول (ڪلام)، فِعل (ڪم)، حَرَڪات و سَڪنَات (عادتون ۽ طريقا) سڀني کان اعليٰ دَرَجي جا ۽ نَفرَت ڏياريندڙ ڳالهين کان پاڪ هوندا آهن، انھن کي الله تعالٰي ڪامل عَقل عطا فرمائيندو آهي۔ دُنيا