Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

چيم: اي ابويحييٰ! اوهان سان گڏ هي؟ فرمايائون: هي (ڪتو) بُري ساٿين کان بهتر آهي۔ (معجم اوسط، ۱/۱۹۲،حديث:۶۴۱)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته بُرو دوست دنيا ۽ آخرت جي لاءِ ڪيتري قدر نقصان ڏيندڙ هوندو آهي۔ تنهنڪري عافيت انهيءَ ۾ آهي ته اسان بُرن ماڻهن جي پاڇي کان به پري رهون ڇوته ڪٿي ائين نه ٿئي جو بُرن جي صحبت ۾ رهڻ سبب ماڻهو اسان جي باري ۾ به طرح طرح جون ڳالهيون ڪن ۽ اسان کي به بُرن لقبن کان پُڪارين۔ اچو! بُري صحبت جي هلاڪت ڪرڻ کان بچڻ جي لاءِ ان جي مذمت تي مشتمل 4 فرامينِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا ان مان حاصل ٿيڻ وارا نصيحت جا مدني گل چونڊيون ٿا،

1.        ارشاد فرمايائون: بُري ساٿي کان بچو ڇوته هو جهنّم جو هڪ ٽڪرو آهي، ان جي مَحَبَّت توهان کي فائدو نه پهچائيندي ۽ هو توهان کان پنهنجو واعدو پورو نه ڪندو۔ (فردوس الاخبار،۱/۲۲۴، حديث:۱۵۷۳)

2.        ارشاد فرمايائون: بُري هم نشين کان بچو ڇوته ان سان گڏ سڃاتا ويندؤ۔ (تاريخ ابن عساڪر، الحسين بن جعفر بن محمد بن حمدان…الخ،۱۴/۴۶)

3.      ارشاد فرمايائون: صبح هن حال ۾ ڪريو جو توهان عالِم هجو يا مُتَعلِّم (طالبِ علم) ((Student يا عالم جون ڳالهيون ٻڌندڙ، يا عالم سان مَحَبَّت ڪرڻ وارا ۽ پنجو (5) نه ٿجو ڇو ته هلاڪ ٿي ويندوء۔  (ڪشف الخفاء، حديث:۴۳۷، ۱/۱۳۴)

4.        ارشاد فرمايائون: چـڱي ۽ بُري ساٿي جي مثال مُشڪ کڻڻ ۽ بٺي(کورو) دخائڻ واري جيان آهي، مشڪ وارو توکي ايئن ئي ڏيندو يا تون ان کان خريد ڪندي ٻيو ڪجهه نه ته  توکي ان مان چڱي خوشبوته ايندي، جڏهن ته بٺي (کورو) دخائڻ وارو يا تنهنجا ڪپڙا ساڙيندو يا توکي ان مان بدبوء ايندي۔  (بخاري، ڪتاب البيوع، باب في العطار وبيع المسڪ، ۲/۲۰، الحديث: ۲۱۰۱)

حڪيم الامت مُفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيان ڪيل حديثِ پاڪ