Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

جو مُعزز فرد بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون۔ جيئن ته هڪ سمجھدار پيءُ کي جڏهن پنهنجي اولاد جي بُري صحبت ۾ مبتلا هئڻ جو علم ٿيو ته ان لاپرواهي جو مُظاهرو ڪرڻ بدران ان کي ڪهڙي طرح سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي۔ اچو! هن باري ۾ هڪ حڪايت ٻڌو ۽ نصيحت جا مدني گل چُونڊي عمل جي ڪوشش به ڪريو.

بُري صحبت جو اثر

نيڪ گھراڻي جو هڪ مَدَني مُنّو بُرن دوستن جي صحبت ۾ اُٿڻ ويهڻ لڳو، ان جي والد صاحب کي اها ڳالھ خبر پئي ته انهن ان کي سمجھايو ته بُرن جي صحبت توهان کي به ڪٿي بُرو نه بڻائي۔ ان هي چئي ڪري ٽاري ڇڏيو ته بابا! اوهان فڪر نه ڪريو مان انهن جھڙو نه ٿيندس، والد محترم پنهنجي پٽ کي عملي طور تي سمجھائڻ جو ارادو ڪيو ۽ هڪ ڏينهن گھر ۾ کوڙ سارا آلو بخارا (Prunes) وٺي آيا، ان مان ڪجھ آلوبخارا گھر وارن کاڌا، جڏهن باقي آلو بخارا رکڻ لڳا ته پٽ چيائين: بابا! ان ۾ هڪ ڳريل سڙيل آلوبخارو به آهي ان کي ڪڍي ڇڏيو، والد صاحب چيائين: هينئر رهڻ ڏيو، سڀاڻي ڏسنداسين۔ ٻئي ڏينهن جڏهن پيءُ پٽ آلو بخارا ڏٺا ته سڙيل آلو بخاري جي قريب وارا آلو بخارا به خراب ٿي چڪا هئا۔ هاڻي والد صاحب پٽ کي سمجھايو: ڏس پٽ! صحبت جو ڪيترو اثر ٿيندو آهي! هڪ خراب ٿيل آلو بخاري جي صحبت سان ٻيا سٺا آلو بخارا به خراب ٿي ويا! مدني مُنّي جي سمجھ ۾ اچي ويو ۽ ان بُرن دوستن جي صحبت ۾ ويهڻ کان توبه ڪئي۔ (دودھ پيتا مدني منا،ص۲۷ بتغير قليل)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته هڪ عقلمند پيء پنهنجي مدني مُنّي کي بُري صحبت کان روڪڻ جو ڪهڙو پيارو طريقو اختيار ڪيائون جو ان هڪ ننڍڙي ذِهن جي مُطابق عام مثال جي ذريعي ان کي بُري صحبت جي نُقصان کان آگاھ ڪيو ته پٽ به آساني سان پنهنجي پيءُ جي ڳالھ هي سوچي قبول ڪئي ته جهڙي طرح انهن ڳريل سڙيل آلو بخارن جي وچ ۾ رهي سٺا