Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

فرمايائون: مون خوف ڪيو ته اهي آيتن ۽ حديثن سان گڏ پنهنجي ڪجھ تاويل لڳائيندا ۽ هي منهنجي دل ۾ رهجي وڃي ته مان هلاڪ ٿي وڃان۔

(اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هي واقعا نقل ڪرڻ کان بعد) وڌيڪ فرمايائون: آئمه (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين) کي ته هي خوف ۽ هاڻي عوام کي اها جُرئت آهي وَلَا حَوْلَ وَ لَا قُوَّۃَ اِلَّا بِالله۔  ڏسو! بچت جي راھ اها ئي آهي جيڪا توهان کي توهان جي پياري نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌائي، .اِياکمْ وَ اِياھُمْ لَايضِلُّوْنَکمْ وَلَا يفْتِنُوْنَکمْ“ انهن (بدمذهبن) کان پري رهو ۽ انھن کي پاڻ کان پري ڪيو، ڪٿي هو توهان کي گمراھ نه ڪن، ڪٿي هو توهان کي فتني ۾ نه وجھن۔ ڏسو! نجات جي واٽ اها ئي آهي جيڪا توهان جي رب عَزَّ وَجَلَّ ٻڌائي:

وَ اِمَّا یُنْسِیَنَّكَ الشَّیْطٰنُ فَلَا تَقْعُدْ بَعْدَ الذِّكْرٰى مَعَ الْقَوْمِ الظّٰلِمِیْنَ(۶۸) (پ 7 الانعام 68)

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ جيڪڏهن ڪٿي توکي شيطان وسارائي ته ياد اچڻ تي ظالمن سان گڏ نه ويهه۔

ڀلجي انهن مان ڪنهن وٽ ويهي رهيا آهيو ته ياد اچڻ تي هڪدم اٿي وڃو۔                                     (فتاويٰ رضويه، ۱۵/۱۰۶،۱۰۷ ملخصاً)۔ (صراط الجنان ، ۳/۱۳۴)

محفوظ سدا رکھنا شہا! بے  اَدَبوں  سے                    اور مجھ سے بھی سرزد نہ کبھی بے اَدَبی ہو

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”مدرسة المدينه بالغان“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته بُري صحبت پنهنجي اندر ڪيتري قدر تباهيون رکندي آهي وڏن وڏن کي راھ حق تان ڀٽڪائيندي آهي، تنهنڪري سمجھدار شخص کي کپي ته هو دِيني ۽ دُنيوي عُلوم ۽ فنون جون ڊِگريون حاصل ڪرڻ ۽ انهن ۾ ماهر هئڻ جي باوجود به پنهنجي نفس تي اعتماد (Trust) نه ڪري ۽ هميشه بدمذهبن ۽ بُرن ماڻهن جي صحبت کان پري ڀڄي ۽ هميشه چڱن جي صحبت اپڻائي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول چڱن جي صحبت حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي، تنهنڪري اسان کي به