Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

جي شرح ڪندي فرمائن ٿا: سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ڪهڙو پاڪيزه مثال آهي جنهن جي ذريعي سمجھايو ويو آهي ته بُرن جي صحبت فائدو ۽ چڱن جي صحبت نُقصان ڪڏهن نٿي ڏئي سگھي، بٺي واري وٽان مُشڪ نه ملندي گرمي ۽ دُونھو ئي ملندو، مُشڪ واري وٽان نه گرمي ملندي نه دونھو مُشڪ يا خوشبو ئي ملندي۔ (حديثِ پاڪ جي هن حصي ”مشڪ وارويا ته توکي ائين ڏيندو يا تون ان کان خريد ڪندي ٻيو ڪجهه نه ته توکي ان مان چڱي خوشبو ته ايندي“ جي شرح ۾ مفتي صاحب فرمائن ٿا:) هي اَدنيٰ نفعي جو ذڪر آهي، مشڪ خريدڻ يا ان جو مُفت ئي ڏيڻ اعليٰ نفعو آهي جنهن سان هميشه فائدو پهچندو رهندو ۽ صرف خوشبو ماڻڻ اَدنيٰ نفعو آهي۔ خيال رهي ته ابُوجهل وغيره دشمنانِ رسول، حضور(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) وٽ حاضر ٿيا ئي نه، اتي حاضري مَحَبَّت سان حاصل ٿيندي آهي۔(حديثِ پاڪ جي هن حصي ”۽ ٻيو تنهنجا ڪپڙا ساڙيندو يا توکي ان مان بدبوءَ ايندي“ جي وضاحت ۾ مفتي صاحب فرمائن ٿا:) هن فرمان جو مقصد هي آهي ته حتَّي الامڪان بُري صحبت کان بچو جو هي دِين ۽ دنيا برباد ڪندي آهي ۽ چڱي صحبت اختيار ڪريو ڇوته ان سان دِين ۽ دُنيا سنورجي ويندا آهن۔ نانگ جي صحبت جان کسيندي آهي، بُري يار جي صحبت ايمان برباد ڪندي آهي۔ (مرآۃ المناجيح،۶ /۵۹۱)

چَنگے بندے دی صُحبت یاروجیوَیں  دُکان عطاراں           سودا   بھاوَیں  مُل  نہ  لَیّے  حُلّے  آن  ہزاراں

بُرے بندے دی صحبت یارو جیوَیں دُکان لوہاراں           کپڑے بھاوَیں کُنج کُنج بَیّے چِنگاں پَین ہزاراں

يعني چڱي جي صحبت عطار (يعني عِطر کپائڻ) جي دڪان جيان آهي جو جتان ماڻهو ڪجھ به نه خريد ڪري پر خوشبو اچي ئي ويندي آهي ۽ بُري ماڻهو جي صحبت لوهار جي دڪان جيان آهي، جتان جيترو به پنهنجي ڪپڙن کي بچائجي، چڻنگون ان تائين پهچنديون ئي آهن.