Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

پوندي؟ آخر اهو طئي ٿيو ته هڪ ڌاڳو ڪوئي جي پير ۾ ۽ ان جو ٻيو سِرو (پاسو) ڏيڏر جي پير ۾ ٻڌو وڃي ته جيئن ضرورت پوڻ تي اطلاع ڏئي سگھجي، پوءِ ائين ڪيو ويو، هڪ ڏينهن اوچتو ڪانءُ ڪوئي کي جهٽ هڻي ان کي وات ۾ وجھي اُڏاميو ته ڏيڏر به ڌاڳي ۾ ٻڌل هئڻ جي ڪري ان سان گڏ ڇڪجي هوا ۾ هليو پئي ويو، ڏيڏر چيو ته هي ڪوئي جهڙي نالائق سان دوستي جي سزا آهي، خبر پئي ته نالائقن ۽ بري صحبتن جي ڪري گھڻيون آفتون اينديون آهن۔

اے فُغاں از یارِ ناجِنس اے فُغاں

ہَمنَشینِ نیک جُویَد اے مہماں

 (فرياد آهي! ناجنس (يعني نالائق) دوست کان فرياد آهي، اي دوستو! نيڪ ساٿي تلاش ڪريو (مثنوي،دفتر ششم۲۶۶،۲۶۷،۲۸۵بِتَغير)

بدمذهبن جي صحبت زهرِ قاتل آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته بيوقوف ماڻهن جي صحبت برباد ڪندي آهي، ڪڏهن انهن جي نحوست هم تو ڈُوبے هيں صنم تم ڪو بهي لے ڈُوبيں گے“ جي مصداق ٻين کي به بربادي جي گهري کاهي ۾ اڇلائيندا آهن۔ ياد رهي! جهڙي طرح شرابين، جوارين ۽ گناهن ۾ ملوث رهڻ وارن سان اُٿڻ ويهڻ هلاڪت جو سبب آهي، اهڙي طرح بدمذهبن سان ميل ميلاپ رکڻ، انهن جون تقريرون ٻڌڻ، ڪتاب پڙھن، انهن جي آڊيو (Audio) ٻڌڻ، ويڊيو (Video) ڏسڻ، يا ڪنهن ٻئي کي شئير (Share) ڪرڻ، انهن سان کائڻ پيئڻ يا رشتيداري قائم ڪرڻ به ايمان جي لاءِ زهرِ قاتل ۽ دنيا ۽ آخرت جي شديد تباهي ۽ بربادي جو سبب آهي۔ افسوس! في زمانه بعض نادان بد مذهبن سان تعلُّق قائم ڪن ٿا ۽ اهو چوندي ٻڌا ويا آهن ته اسان کي ڪو نٿو لوڏي سگھي، اسان گھڻا ئي مضبوط (Strong) آهيون، اسان انهن سان تَعلُّق ان ڪري قائم رکيو آهي ته جيئن انهن کي پاڻ جھڙو بڻايون، ائين ڪجھ نادان تسڪينِ نفس جي خاطر بد مذهب