Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

الله تعاليٰ جي بارگاھ ۾ ڪامياب ٿيندا۔(صِراطُ الجِنان،پ۱۵،الکہف،تحت الآیۃ:۱۸، ۵/۵۵۰)

مدني چينل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته انسان هجي يا جانور سٺي صحبت سان فيضياب ٿيڻ وارو ڪو به محروم ناهي رهندو بلڪه ان تي ربّ عَزَّ وَجَلَّ جو خاص فضل ۽ احسان ٿيندو آهي ۽ ان جو ٻيڙو پار ٿي ويندو آهي۔ هن پُرفتن دَور ۾ سٺي صحبت ماڻڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جو مشڪبار مدني ماحول آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان مدني ماحول ۾ عاشقانِ رسول جي صحبت سان ڪافي بگڙيل ماڻهن جي اصلاح جو سامان ٿي چڪو آهي ۽ توبه کان پوءِ ان مدني مقصد جي تحت زندگي گذاري رهيا آهن ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ تنهنڪري اسان سڀئي به هن مدني مقصد تي عمل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ خدمتِ دين جي 104 شعبن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، انهن مان هڪ شعبو ”مدني چينل“ به آهي۔ اڄوڪي دور ۾ ميڊيا ذهن ٺاهڻ ۽ ڪردار بڻائڻ ۾ هڪ فائدي مند هٿيار جو ڪم ڪري رهيو آهي، ڪيئي ماڻهو ان جو غلط استعمال ((Misuse ڪرڻ لڳا آهن، جنهن جي ڪري خاص ڪري نوجوان نسل انهن بُرن اثرن ۽ فڪرن جي وڪوڙ ۾ اچي پيو ۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ امير اهلسنت، باني دعوتِ اسلاميدَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه ۽ دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شوريٰ وڏي شدّت سان محسوس ڪيو ته مسلمانن جي گھرن مان T.V ڪڍائڻ گهڻو ڪري ناممڪن آهي، بس هڪ ئي صورت نظر آئي ۽ اها هي ته جهڙي طرح دريا ۾ ٻوڏ ايندي آهي ته ان جو رخ فصلن وغيره جي طرف موڙيو ويندو آھي ته جيئن فصل به سيراب ٿين ۽ آبادين کي به تباهي کان بچائي سگھجي بلڪل انهيءَ طرح T.V ئي جي ذريعي مسلمانن جي گھرن ۾ داخل ٿجي ۽ انهن کي غفلت جي ننڊ مان بيدار ڪيو وڃي،