Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

سٺي صحبت جون برڪتون

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيتري قدر ممڪن هجي نيڪ ماڻهن جي صحبت کان وابسته رهو ڇوته سٺن جي صحبت انسان ته انسان جيڪڏهن ڪنهن جانور کي به نصيب ٿي وڃي ته پوءِ اهو عام جانور نٿو رهي بلڪ ان جي صحبت ۽ نسبت جي برڪت سان ان جي شان ۽ شوڪت ۽ اهميت و رِفعت ڪيترا ئي درجا وڌي ويندي آهي، جيئن اَصحابِ ڪهف رَضِی اللّٰه تَعَالٰی عَنْهم جي ڪتّي  کي ئي ڏسو جو اڳ ۾ هڪ عام ڪتّو هو پر ان کي اَصحابِ ڪهف رَضِی اللّٰه تَعَالٰی عَنْهم سان محبت ۽ اُلفت ٿي تنهنڪري هو ان الله وارن جي مَحَبَّت ۾ انهن جو رفيق، شريڪ سفر ۽ محافظ بڻجي ويو، اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين جي صحبت جون برڪتون ته ڇا نصيب ٿيون، ان جي ته قسمت ئي چمڪي پئي ۽ ان جو مقام ۽ رتبو ايترو بلند ٿيو جو ربِّ ذُوالجلال عَزَّوَجَلَّ پنهنجي پاڪيزه ڪلام قرآنِ ڪريم ۾ پنهنجي مقبول ٻانهن يعني اصحابِ ڪهف رَضِی اللّٰه تَعَالٰی عَنْهم سان گڏ انهن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيئن سيپارو 15سُوْرَۃُ الْکهف جي آيت نمبر 18 ۾ ارشادِ خداوندي آهي:

وَ كَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَیْهِ بِالْوَصِیْدِؕ- (پ۱۵،الڪهف:۱۸)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ سندن ڪُتو به پنهنجُون ڪَرايُون پکيڙِيندڙ آهي غار جِي چانئُٺ تي

حضرت سَيدُنا اِمام ابو عبدُالله محمد بن اَحمد قرطبي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن نيڪ ٻانهن ۽ اولياءِ ڪرام عَلَيهم رَحْمَةُ اللّٰه ِالسَّلام جي صحبت ۾ رهڻ جي برڪت سان هڪ ڪتّي ايترو بلند رتبو ماڻيو جو الله تعاليٰ ان جو ذڪرِ خير قرآنِ پاڪ ۾ فرمايو ته ان مسلمان جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي جيڪو اولياءِ ڪرام ۽ نيڪ ٻانهن سان مَحَبَّت ڪرڻ وارو ۽ انهن جي صحبت کان فيضياب ٿيڻ وارو آهي بلڪ ان آيت ۾ انهن مسلمانن جي لاءِ تسلّي آهي جيڪي ڪنهن بلند مقام تي فائز نه آهن۔ (تفسیر قرطبی، پ۱۵،الکھف، تحت الآیۃ: ۱۸، الجزء۱۰، ۵/۲۶۹) يعني انهن جي لاءِ تسلّي آهي ته هو پنهنجي ان محبت ۽ عقيدت جي ڪري