Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

بُري صحبت جو انجام

شيخِ طريقت،اميرِ اَهلسُنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَولانا ابُو بلال محّمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مايه ناز تصنيف ”نيڪي جي دعوت“ جي صفحي نمبر290 تي فرمائن ٿا: پنجاب (پاڪستان) جي هڪ علائقي ۾ هڪ عجيب و غريب بدبو ((Bad-smell محسوس ٿيڻ لڳي، علائقي وارن جي گهڻي ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ بدبو جونشان مليو، اها بدبو هڪ بند گھر مان اچي رهي هئي، تنهنڪري پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس وارا ماڻهن جي موجودگي ۾ تالو ٽوڙي گھر ۾ داخل ٿيا ته هي ڏسي سڀ حيران ٿي ويا ته اتي هڪ کٽ تي هڪ جوان شخص جو لاش پيو آهي ۽ ان جا ڪجھ حصا ڳري چڪا آهن ۽ ان ۾ ڪيڙا هلي رهيا آهن، هي منظر ڏسي ٻارن سميت ڪئي ماڻهو بيهوش ٿي ويا، تحقيق ڪرڻ تي خبر پئي ته هي نوجوان محنت مزدوري ڪرڻ جي لاءِ ان علائقي ۾ آيل هو، ڪرائي جي جڳهه ۾ رهندو هو ۽ ڪجھ جوارين سان ان جي دوستي هئي، هڪ ڏينهن هي نوجوان پنهنجي دوستن کان جوا ۾ تمام گھڻي رقم کٽي ويو، هارائي ويل جواري دوستن رقم ان کان ڦرڻ جي لاءِ هن جي ڳچي ۾ رسو وجھي ۽ بجلي جا ڪرنٽ هڻي ڪري ان کي ماري وڌو، پوءِ ان کي بنا ڪفن دفن جي تالو لڳائي فرار ٿي ويا۔ (نيڪي جي دعوت ، ص۲۹۰)

اے جُواری تُو جُوئے سے باز آ              ورنہ پھنس جائے گا جس دن تُو مرا

تُو نشے سے باز آ مت پی شراب             دو جہاں ہوجا ئیں گے ورنہ خراب

ہو گیا تجھ سے خدا ناراض اگر                قبر سُن لے آگ سے جائیگی بھر

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۷۱۳-۷۱۴)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته بُري صحبت (Company) ۾ اُٿڻ ويهڻ ڪيتري قدر هلاڪت ۽ بربادي جو سبب ۽ بُري صحبت ۾ رهڻ وارن نادانن جو ڪيتري قدر خطرناڪ اَنجام ٿيندو آهي۔ بيشڪ بُري صحبت انسان کي