Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

بُري صحبت بربادي ايمان جو سبب آهي

 حضرت سَيدُنا علامه محمد بن احمد ذَهبي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ شخص شرابين جي صُحبت ۾ ويهندو هو، جڏهن ان جي موت جو وقت ويجھو آيو ته ڪنهن ڪلمي شريف جي تلقين ڪئي ته چوڻ لڳو: توهان به پيو ۽ مون کي به پياريو۔ مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ بِغير ڪلِمو پڙھڻ جي مري ويو (جڏهن شرابين جي صُحبت جو هي حال آهي ته شراب پيئڻ جو ڇا وَبال هوندو!) هڪ شطرنج کيڏندڙ کي مرڻ وقت ڪلِمي شريف جي تلقين ڪئي وئي ته چوڻ لڳو: شاھَڪ (يعني تنهنجو بادشاھ) هي چوڻ کان پوءِ ان جو ساھ نڪري ويو۔ (ڪتابُ الڪبائر،ص ۱۰۳ ملخصاً)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته چڱي صحبت اپنائڻ ۾ فائدو ئي فائدو آهي جڏهن ته بُرن جي صحبت اختيار ڪرڻ ۾ دِين ۽ دنيا جو سراسر نُقصان ئي نُقصان آهي ڇوته بُري صحبت انسان جي ايمان کي به برباد ڪندي آهي، عام طور ماڻهو، جان کسيندڙ، خوفناڪ ۽ زهريلي جانورن، ڪيڙن مڪوڙن ۽ وحشت ناڪ شين کان ڊڄندا آهن ۽ انهن کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن ۽ پُرخطر (خطري واري) (Dangerous) هنڌن جي ويجھو کان به نه لگھندا آهن، پر افسوس! جو هلاڪت ۽ بربادي سان ڀرپور بُري صحبتن کان جان ڇڏائڻ انتهائي دُشوار محسوس ڪيو ويندو آهي، هاء! بُري صحبت جي نحوست اهڙي ڇائجي وئي آهي جو عبادت ۾ دل ناهي لڳندي۔ ماڻهو پنهنجن اڪثر ڪمن ۾ خوب غور۽ فڪر ڪرڻ ۽ پنهنجو فائدو ڏسڻ کان پوءِ ئي ڪو قدم کڻندا آهن، پر ڪنهن جي صحبت اختيار ڪرڻ وقت هن ڳالھ جو ٿورو به خيال نٿا ڪن ته اهو اسان جي حق ۾ فائدي مند ثابت ٿيندو به يا نه۔ بهرحال ڪنهن کي دوست بڻائڻ کان اڳ ۾ 112 ڀيرا غور ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن بعد ۾ ڪنهن قسم جو افسوس نه ٿئي، پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عبرت نشان آهي: اَلْمَرْءُ عَلَى دِينِ خَلِيْلِهِ فَلْيَنْظُرْ اَحَدُكُمْ مَنْ يُخَالِطُ يعني انسان پنهنجي دوست جي دِين تي هوندو آهي ان کي هي ڏسڻ گھرجي ته ڪنهن سان دوستي ڪري پيو۔ (مُسند احمد، ۳/ ۱۶۸ ،حديث: ۸۰۳۴)