Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

هن مدني ماحول سان وابسته ٿي 12مدني ڪمن ۾ مشغول رهڻ گھرجي۔ 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مدرسةُ المدينه بالغان“ ۾ پڙھڻ يا پڙھائڻ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدرسةُ المدينه بالغان جي بَرَڪت سان دُرست قرآنِ ڪريم پڙھڻ نصيب ٿيندو آهي٭ مدرسة المدينه بالغان نماز،وُضو ۽ غُسْل وغيره ضروري اَحڪام سکڻ جو بهترين ذريعو آهي٭ مدرسة المدينه بالغان ۾ حاضِري جي بَرَڪت سان سٺي صُحبت ملندي آهي۔مدرسة المدينه بالغان جي برڪت سان قرآن ڪريم پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جي سعادت ملندي آهي مدرسة المدينه بالغان جي برڪت سان علم دين جي دولت نصيب ٿيندي آهي. مدرسة المدينه بالغان جي برڪت سان مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي مدرسة المدينه بالغان جي برڪت سان مدني انعامات تي عمل جو جذبو ملندو آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو برائين ۾ مبتلا ماڻهو جڏهن دعوت اسلامي واري عاشقان رسول جي صحبت ۾ رهي ڪري مدرسة المدينه بالغان ۾ قرآن ڪريم سکڻ ايندا آهن ۽ دعوت اسلامي جي مدني ڪمن ۾ حصو وٺندا آهن ته الحمد لله عزّوجَلّ انهن تي مدني رنگ چڙندو ويندو آهي اچو هن جي هڪ ايمان وڌائيندڙ مدني بهار ٻڌون ۽ جهومي اٿون   

بدنگاهي جي عادت مان نجات ملي وئي

بابُ المدينه (ڪراچي) جي رهائشي اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان اڳ ۾ مان فلمون ڊراما ڏسڻ، گانا باجا ٻڌڻ ۽ بدنگاهي ڪرڻ جو عادي هئس جڏهن ته نمازن جي پابندي جو به ذهن نه هو۔ اتفاق سان هڪ دفعي منهنجي ملاقات سفيد لباس پاتل سبز سبز عمامه سجايل هڪ اسلامي ڀاءُ سان ٿي، انهن انفرادي ڪوشش ڪندي مون کي مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، مون دعوت قبول ڪندي مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ پڙھڻ شروع ڪيو، اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ مدرسة المدينه (بالغان) جي برڪت سان هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت منهنجو معمول بڻجي