Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ڪنهن سان دوستي ڪرڻ کان اڳ ۾ ان کي جانچيو ته الله (عَزَّ وَجَلّ) (۽) رسول (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جومطيع( فرمانبردار) آهي يا نه۔ ربّ تعاليٰ فرمائي ٿو:

              وَ كُوْنُوْا مَعَ الصّٰدِقِیْنَ(۱۱۹)                  ترجموڪنزُالايمان:  ۽ سچن جِي صُحبت ۾ هُجو

  (پ۱۱ ، التوبۃ: ۱۱۹)

صُوفي سڳورا (رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهمْ اَجْمَعِين) فرمائن ٿا تهانساني طبيعت (Nature) ۾ ”اَخذ يعني وٺڻ جي خاصيت آهي۔ حَريص جي صحبت کان حرص، زاهد جي صُحبت کان زُهد ۽ تقوٰي ملندو۔ ( مرآۃ المناجيح،۶/۵۹۹)

ہو اَخلاق اچھا ہو کِردار سُتھرا                         مجھے مُتَّقِی تُو بنا یااِلٰہی

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي کپي ته دوستي جي مُعاملي ۾ هر ڪنهن تي انڌو اعتماد نه ڪريون ۽ نه ئي اهڙن جي صحبت ۾ ويهون جنهن جو دامن پهريان ئي مختلف قسم جي بُرائين سان داغ دار هجي، ڇوته طرح طرح جي بُرائين ۾ مبتلا رهڻ وارن ماڻهن تي جڏهن بُرو وقت ايندو آهي ته انهن سان تعلق رکڻ وارا به ڪڏهن ڪڏهن انهن جي وڪڙ ۾ اچي ويندا آهن، اچو! هن ڳالھ کي سمجھڻ جي لاءِ هڪ حڪايت ٻڌون ٿا۔

ڪُوئي ۽ ڏيڏر جي دوستي

شيخِ طريقت،اميرِ اَهلسُنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مايه ناز تصنيف ”نيڪي جي دعوت“ جي صفحي نمبر 381 تي فرمائن ٿا ته عارِف بِالله حضرت مولانا رُوم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بُري صُحبت جا نقصان سمجھائيندي فرمائن ٿا؛ اتفاق سان هڪ ندي جي ڪناري تي هڪ ڪوئي جي ڏيڏر سان ملاقات ٿي ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾ دوستي ٿي وئي، ڪوئي چيو ته ڪڏهن ملڻ جي دل چاهي ته اوهان ته وڏي پاڻي (Depth) ۾ هوندا آيو جتي آواز به ناهي پهچندو ته اوهان کي خبر ڪيئن