Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

عورتن سان نڪاح ڪن ٿا ۽ ائين چوندا آهن ته اسان انهن سان نڪاح ان ڪري ڪيو آهي ته جيئن انهن کي به پنهنجي رنگ ۾ رنگي وٺون، اهڙي طرح ڪجھ نادان گھر اهڙا به آهن جيڪي صرف دنيا جي بهتر تعليم خاطر پنهنجن ٻارن کي بد مذهب اُستادن جي حوالي ڪندا آهن ۽ آخرڪار اهي ٻار وڏا ٿي بد مذهبي اختيار ڪندا آهن۔ اهڙن ماڻهن کي گھرجي ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هن ڪلام مان عبرت حاصل ڪن، جيئن اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: غير مذهب وارين (يا وارن) جي صُحبت باهه آهي، ذي علم، عاقِل بالغِ مردن جا مذهب (به) انهيءَ ۾ بگڙجي ويا آهن۔ عمران بن حِطان رقاشي جو قصو مشهور آهي، هي تابعين جي زماني ۾ هڪ وڏو مُحَدِّث ٿي گذريو آهي، بد مذهب عورت جي صُحبت ۾ (رهي ڪري) معاذالله پاڻ بدمذهب ٿي ويو ۽ هي دعوى ڪئي هئي ته (انهيءَ سان شادي ڪري) انهيءَ کي سُنّي ڪرڻ چاهيان ٿو۔ جڏهن صُحبت جي حالت ۾ (ايڏو وڏو مُحَدِّث گُمراهه ٿي ويو) ته (بدمذهب کي) اُستاد بڻائڻ ڪيتري قدر بَدتر آهي جو اُستاد جو اثر تمام عظيم ۽ گھڻو جلدي ٿيندو آهي، ته غير مذهب عورت (يا مرد) جي سِپُردگي يا شاگردي ۾ پنهنجي ٻچن کي اهو ئي ڏيندو جيڪو پاڻ دين سان واسطو نه ٿو رکي ۽ پنهنجي ٻارن جي بَد دين ٿيڻ جي پرواهه ناهي ڪندو۔ (صراط الجنان ، ۷/۲۰)

مجھے دیدے اِیمان پر اِسْتِقَامَت         پئے سَیِّدِ مُحْتَشَم یااِلٰہی

خُدایا بُرے خاتِمے سے بچانا             پڑھوں کَلِمَہ جب نکلے دَم یااِلٰہی

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل تفسير صِراطُ الجنان جلد 3 صفحي 134 تي آهي ته بد مذهبن جي محفل ۾ وڃڻ ۽ انهن جي تقرير ٻڌڻ ناجائز ۽ حرام ۽ پنهنجي پاڻ کي بدمذهبي ۽ گمراهي تي پيش ڪرڻ وارو ڪم آهي۔ انهن جون تقريرون قرآني آيتن تي مشتمل هجن چاهي احاديثِ مُبارَڪه تي، سٺيون ڳالهيون گڏ ڪرڻ جو زُعم (گمان) رکي به انهن کي ٻڌڻ