Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

اهڙي طرح شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه کي سندن وڏي ڀيڻ

  ٻُڌايو ته هڪ اسلامي ڀيڻ روئي روئي ڪري دعا لاءِ چيو آهي ته منهنجي پٽ جي اصلاح لاءِ دعا ڪيو، هاءِ! هاءِ! مون پاڻ ئي ان کي برباد ڪيو آهي۔ ان کي دعوتِ اسلامي جي مدرﺳﺔ المدينہ ۾حافظ ٿيڻ لاءِ داخل ته ڪرايم پر ويچارو جيڪي سنّتون وغيره سکي ڪري گھر ۾ اچي بيان ڪندو هيو ته مٿس ٽوڪون ڪندا هئاسين۔ آخرڪار سندس دل ٽُٽي پئي ۽ ان مدرﺳﺔ المدينہ ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو، هاڻي بُرن دوستن جي صحبت ۾ رهي رولو ٿي ويو آهي، اتفاق سان مون کي هاڻي دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول ملي ويو آهي هاڻي مان سخت پڇتائي رهي آهيان ته افسوس! منهنجو ڇا ٿيندو!

صُحبتِ صالِـح تُرا صالِـح کُنَند

(يعني چڱن جي صحبت توکي

چڱو بڻائيندي)

 

صُحبتِ طالِـح تُرا طالِـح کُنَند

(۽ بُرن جي صحبت توکي

بُرو بڻائيندي)

ڪتاب ’’اچھے ماحول کی برڪتيں‘‘ جو تعارف

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته جيڪي والدين پنهنجن ٻارن کي چڱي صحبت جي برڪتن کان محروم رکن ٿا ته نيٺ انهن کي پنهنجي ڪرڻ تي ڪيتري قدر حسرت ۽ شرمساري ڪرڻي پوندي آهي، جيڪڏهن والدين پنهنجي پاڻ کي مدني ماحول سان وابسته رکن ۽ پنهنجن ٻارن جي مدني تَربِيت ڪن ته اهو اولاد نه صرف دُنيا ۾ انهن جي اکين جي ٿڌاڻ بڻجندو بلڪ آخرت ۾ نجات جو ذريعو به بڻجي سگھي ٿو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مڪتبة المدينه چڱي صحبتن جو فيضان عام ڪرڻ ۽ بُرين صحبتن جي وبال کان اُمّت کي بچائڻ جي لاءِ 50 صفحن تي مشتمل ڪتاب ’’اچھے ماحول ڪي برڪتيں‘‘ شائع ڪيو آهي۔ هن ڪتاب ۾ آياتِ مبارڪه ۽ احاديثِ طيبه ۽ بُزرگانِ دِين جي اقوال جي روشني ۾ چڱي، بُري ماحول جي سڃاڻپ، سٺي ماحول جا فائدا ۽ بُري ماحول جا نُقصان بيان ڪيا ويا آهن۔ مڪتبةُ المدينه تان هن ڪتاب کي هديةً حاصل ڪري پاڻ به ان جو مُطالَعو (Study) ڪريو ۽ ٻين کي به پڙھڻ جي ترغيب