Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

 

 ڏياريو۔ ان ڪتاب کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان پڙهي به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ(Print Out) به ڪري سگھجي ٿو ۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تِر کي جيڪڏهن گلاب جي گلن ۾ رکيو وڃي ته ان جي صُحبت ۾ رَهي اهو به گلابي ٿي ويندو آهي، اهڙي طرح سٺن ماڻهن جي صحبت ۾ اُٿڻ ويهڻ وارو به ڏينهو ڏينهن ان جي رنگ ۾ رنگبو ويندو آهي۔ جيڪي خُوش نصيب ماڻهو خوفِ خدا ۽ عشقِ مُصطَفٰي جي لازوال دولت سان مالا مال هجن، محبتِ صحابه ۽ اهلبيت جي دولت سان سرشار هجن، مٿي کان پيرن تائين سُنّتن جي هلندڙ ڦرندڙ تصوير هجن، جن جي صحبت جي برڪت سان عمل جو جذبو وڌندو هجي، گناهن کان نفرت ۽ فڪرِ آخرت نصيب ٿيندي هجي ته اهڙن جو فيضان حاصل ڪرڻ وارو ڀلا ڪهڙي طرح برڪتن کان محروم رهجي سگھي ٿو۔

حضرت سَيدُنا مصلح الدِّين سعدي شيرازي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سٺي صحبت جي اهميت کي نهايت خوب صورت انداز ۾ بيان فرمايو آهي جيئن پاڻ ”گلستانِ سعدي“ ۾ فرمائن ٿا، جنهن جو ترجمو ڪجھ هيئن آهي:يعني هڪ ڏينهن خوشبو واري مٽي غسل خاني ۾ مون کي هڪ دوست جي هٿن مان ملي، مون ان مٽي کي چيو ته تون مُشڪ آهين يا عنبر! تنهنجي دلڪش خوشبو مون کي مَست ۽ حيران ڪري ڇڏيو آهي (هي ٻڌي مٽي چيو) مان ته حقير (يعني ادنيٰ) مٽي هئس پر هڪ عرصي تائين مان گُلن جي صحبت ۾ رهيس بس گلن جي صحبت جو مون ۾ اثر ٿيو (ته مان خوشبودار ٿي ويس) نه ته مان ته اها ئي خاڪ ۽ مٽي آهيان جيڪا پهريان هيس۔ (گلستان سَعدي ص۴)