Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

v                بدمذهبن جي صحبت ايمان جي لاءِ زهرِ قاتل آهي۔

v                جڏهن ته چڱن جي صحبت ۾ دنيا ۽ آخرت جي بهتري آهي

v                والدين جي ذميداري آهي ته اولاد کي سٺي صحبت فراهم ڪن

v                بُري صحبت کان بچڻ جي نقصانن کان باخبر ڪن۔

v                نيڪ ماڻهن جي صحبت جي برڪت سان انسان ته انسان جانور به محروم نٿا رهن۔

الله عَزَّ وَجَلَّ پنهنجن نيڪ ٻانهن جي صدقي اسان کي به سٺي صحبت نصيب فرمائي ۽ بُري صحبت کان بچندي ٻين کي بچائڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا                     جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڳالھ ٻولھ جون سنتون ۽ آداب

آئيے!شيخِ طريقت،اميراهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي رسالي ’’101 مَدَني گل‘‘ سان ڳالھ ٻول ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب ٻڌون ٿا:

٭ مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سنّت آهي ٭ مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو