Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

آلو بخارا به خراب ٿي ويا ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو بُرن دوستن جي صحبت

 جي نحوست سبب مان به انهن جھڙو ٿي وڃان! غور ڪريو ته هڪ طرف ته اهڙن خوش نصيب والدين جو شاندار ڪردار اسان جي سامهون آهي جڏهن ته ٻي پاسي اسان جي معاشري ۾ اهڙا نادان به آهن جيڪي پنهنجي اولاد کي سٺي صحبت ۾ ويهڻ جي ترغيب ڏيارڻ ته رهيو پري، سٺي صحبت ۾ ويهڻ کان ئي روڪن ٿا، پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اهو اولاد جڏهن بُري صحبت جو شڪار ٿي بگڙي ويندو آهي ته والدين پنهنجي  ڪرڻ تي افسوس ڪندي پڇتائيندا آهن پر (اردو چوڻي مطابق) ’’اب پچھتائے ڪيا هوت جب چِڑياں چُگ گئيں ڪھيت۔‘‘ تنهنڪري پوء لک ڪوششن جي باوجود به اهڙو اولاد سڌي واٽ تي ناهي ايندو، جيئن

مَدَني قافِلي کان روڪڻ جو نقصان

شيخِ طريقت،اميرِ اَهلسُنّت،باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابُو بلال محّمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي تصنيف ”فيضانِ سنت“ جي صفحي نمبر 61 تي فرمائن ٿا ته

مدينۃُ الْاَولياء احمد آباد شريف (هند) جي هڪ عاشقِ رسول هڪ نوجوان تي انفرادي ڪوشش ڪري ان کي مدني قافلي ۾ سفر لاءِ تيار ڪيو، پر سندس والد صاحب دنياوي تعليم ۾ رڪاوٽ جي خوف کان آخرت جي تعليم جي سفر کان روڪي ڇڏيو۔ ويچاري کي عاشقانِ رسول جي صحبت ملندي ملندي رهجي وئي۔ نتيجي طور هو بُرن دوستن جي صحبت ۾ اچي ويو ۽ شرابي بڻجي ويو۔ هاڻي ان جي والد کي غلطيءَ جو احساس ٿيو، هُن انهيءَ عاشقِ رسول کي گذارش ڪئي ته ”هن کي قافلي ۾ وٺي وڃو ته جيئن هن کان شراب جي عادت ڇڏائجـي وڃي۔“ ان نوجوان تي ٻيهر انفرادي ڪوشش ڪئي وئي پر جيئن ته معاملو هٿن مان نڪري چُڪو هو يعني ويچارو تمام گھڻو بگڙي چُڪو هو، تنهنڪري ڪنهن به صورت ۾ مدني قافلي ۾ سفر لاءِ تيار نه ٿيو۔