Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

ويو، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جو مريد به ٿيس۔ نمازي ۽ مسجد ۾ درس ڏيڻ وارو بڻجي ويس۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ هاڻي مان فلمون ڊراما، گانا باجا، بدنگاهي وغيره گناهن کي ڇڏي چڪو آهيان ۽ پنهنجي گھر وارن تي به انفرادي ڪوشش ڪندي انهن کي به نمازي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان۔

اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ                        تم آجاؤ دیگا سِکھا مدنی ماحول

بُری صحبتوں سے کَنارہ کَشی کر                        کے اچھوں کے پاس آ کے پا مدنی ماحول

سَنور جائے گی آخرت اِنْ شَآءَ اللہ                  تم اپنائے رکھو سَدا مدنی ماحول

گر آئے شرابی مٹے ہر خرابی                         چڑھائے گا ایسا نشہ مدنی ماحول

دعا ہے یہ تجھ سے دل ایسا لگا دے                     نہ چُھوٹے کبھی بھی خدا مدنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                              گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بُري صحبت ۾ چاهي وڏو مبُتلا هجي يا ننڍو ان کي نُقصان ضرور پهچندو آهي، پر وڏن جي مُقابلي ۾ ٻارن جي حق ۾ بُري صحبت انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندي آهي ڇوته انهن کي ننڍي عُمر ۾ بُري ڀلي جي تميز ناهي هوندي، جيڪڏهن ننڍپڻ کان ئي انهن جي مدني تربيت نه ڪئي وڃي ته اهي وڏا ٿي آواره، ضِدّي، وياج خور، رِشوت خور، بدمذهب، بي نمازي، جُواري، شرابي، بي حيا، فيشن پرست، فلمن ڊرامن جا شيدائي، ماءُ پيءُ جا نافرمان ۽ خبر ناهي ڪهڙين ڪهڙين بُرين خصلتن جا عادي بڻجي ويندا آهن، والدين ۽ خاندان جو نالو بدنام ڪندا آهن۔ تنهنڪري والدين کي گھرجي ته هو پنهنجن ٻارن جي بهتر تعليم سان گڏوگڏ مدني تَربِيت جي لاءِ به وقت ڪڍن ۽ وقت بوقت انهن کي چڱي صحبت جا فائدا ۽ بُرن دوستن جي صحبت جا نُقصان ٻڌائي انهن جي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ ۽ انهن کي مُعاشري