Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

برباد ڪندي آهي، بُرن ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ ڄڻ ته آفتن، بلائن ۽ مصيبتن جي دروازي کي کوليندي آهي۔ ڪڏهن ڪڏهن اهي ئي خراب دوست پنهنجي فائدي خاطر پنهنجن ئي ساٿين جا جاني دشمن بڻجي انهن کان جيئڻ جو حق کسي وٺندا آهن ۽ انتهائي اذيت کان پوءِ موت جي وادي ۾ اڇلائيندا آهن ۽ اهڙي طرح خراب دوستن جي صحبت ۾ رهڻ وارا معاشري ۾ عبرت جو نشان بڻجي ويندا آهن۔ هيئنر اسان جوارين جي صحبت ۾ رهڻ واري شخص جي عبرت ناڪ موت جي حڪايت ٻُڌي، اسان کي گھرجي ته خراب دوستن خاص ڪري جوارين جي بُري صحبت کان پري رهون، ڇوته جُوا جي آفت ۾ ڦاٿل ماڻهو پنهنجي محنت مان ڪمايل سڄي جمع ڪيل دولت لُٽائڻ سان گڏوگڏ گهڻن نُقصانن کي منهن ڏيندا آهن جيئن ته

جُوا  جا  دنيوي  نقصان

تفسير صِراطُ الجنان جلد 3 صفحي 24 تي آهي: (1) جُوا جي ڪري جوارين ۾ بُغض، عداوت ۽ دشمني پيدا ٿي ويندي آهي ۽ ڪڏهن ته قتل ۽ لڙائيءَ تائين معاملو پهچي ويندو آهي (2) جُوا کيڏڻ سبب مالدار انسان ڪجھ گھڙين ۾ غُربت ۽ مفلسي جو شڪار ٿي ويندو آهي، خُوشحال گھر بدحالي جو نظارو پيش ڪرڻ لڳندو آهي، چڱو خوشحال ماڻهو پڻ کائڻ پيئڻ تائين جو محتاج ٿي ويندو آهي، معاشري ۾ ان جو ٺهيل وقار ختم ٿي ويندو آهي ۽ سماج ۾ ان جي ڪا قدر۽ قيمت ۽ عزّت باقي ناهي رهندي۔ (3) جُواري نفعي جي لالچ ۾ گھڻو قرض وٺڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن وياج تي قرض وٺڻ تي به مجبور ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن هو قرض ادا ناهي ڪري سگھندو يا ان کي قرض ناهي ملندو ته هو ڌاڙو ۽ چوري وغيره ۾ مبُتلا ٿي ويندو آهي، ايستائين جو جُواري هر پاسي کان مصيبتن ۾ ايترو ڦاسي ويندو آهي جو آخرڪار هو خود ڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي. (صراط الجنان،۳/۲۴)

اچو! جُوا جي مذمت(برائي) تي مشتمل 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽ عبرت حاصل ڪريو۔