Book Name:Buri Sohabat Ka Wabal

1.      ارشاد فرمايائون: جنهن نَرۡدۡ شِيۡر (جُوا واري هڪ راند) کيڏي ته ڄڻ ان پنهنجو هٿ خنزير(سوئر) جي گوشت ۽ رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو۔ (مسلم، ڪتاب الشعر، باب تحريم اللعب بالنردشير، ص۹۵۵، حديث: ۲۲۶۰)

2.       ارشاد فرمايائون: جيڪو شخص نَرد کيڏندو آهي پوءِ نماز پڙھڻ لاءِ بيهندو آهي، ان جو مثال ان شخص وانگر آهي جيڪو پونءَ ۽ سُوئر جي رت مان وضو ڪري نماز پڙھڻ لاءِ بيهندو آهي۔ (مسند امام احمد،احاديث رجال من اصحاب النبي، ۹/۵۰، حديث: ۲۳۱۹۹)

الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي جُوا ۽ جوارين کان پري رهڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ چڱن ماڻهن جي صُحبت ۾ رهي پنهنجي زندگي نيڪين ۾ گزارڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مشهور (اُردو) چوڻي آهي ته خربوزے کو دیکھ کر خربوزہ رنگ پکڑتا ہے۔ بس صحبت جو به ڪجھ اهڙو ئي اثر هوندو آهي جو جهڙي صحبت تهڙو اثر ڇاڪاڻ ته اَلصُّحْبَۃُ مُؤََثِّرَۃٌ يعني صحبت پنهنجو اثر رکي ٿي۔ جنهن خوش نصيب کي چڱي صحبت نصيب ٿئي ته ان جي قسمت کُلي پوندي ڇوته چڱي صُحبت جي برڪت سان ان جي اندر به چڱيون عادتون ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن ۽ بُرين عادتن کان ڇُوٽڪارو ملندو آهي، عمل جو جذبو نصيب ٿيندو آهي ۽ هو مُعاشري ۾ هڪ مُنفرد مقام حاصل ڪندو آهي، پر بد قسمتي سان جيڪڏهن ڪنهن کي مَعَاذَالله عَزَّوَجَلَّ بُري صحبت ملي وئي ته ائين سمجھو ته ان جي تباهي جا ڏينهن شروع ٿي ويا، ڇوته بُري صحبت جا اثر گھڻا تباھ ڪرڻ وارا هوندا آهن، نيڪ سيرت ۽ سڌي سادي انسان کي بُري صحبت بُلندي کان هيٺاهين جي گهري کڏ ۾ ڪرائيندي آهي، بُرائين ۾ اضافي ۽ مُعاشري جي تباهي ۽ بربادي ۾ بُرن دوستن جو ئي ڪردار هوندو آهي، انهن ۾ اُٿڻ ويهڻ