Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat
جي نافرماني ڪري ۽ ٽيو اهو دَيوث جيڪو پنهنجي گھر وارن ۾ بي غيرتي جي ڪمن کي برقرار رکي۔ (مسند احمد /حديث)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي پنهنجي ۽ پنهنجن گھروارن، عزيزن، رشتيدارن ۽ تمام مسلمانن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ۽ انهن کي اسلامي تعليمات جي مطابق شرعي پردو ڪرڻ جو ذهن ڏيڻ گھرجي ڇوته اسلام ئي اهڙو مذهب آهي جيڪو عورت جي عزّت ۽ عِصۡمَت جو محافظ آهي، تڏهن ته ان کي گھر جي چار ديواري ۾ رهندي، گھريلو معاملن سان گڏوگڏ ٻارن جي بهتر تعليم ۽ تربيت جي ذميداري ڏني وئي آهي۔ جيئن ته هن باري ۾ سيپارو 22 سُوْرَه اَحْزَاب جي آيت نمبر 33 ۾ ارشاد آهي:
| وَ قَرۡنَ فِیۡ بُیُوۡتِکُنَّ وَ لَا تَبَرَّجۡنَ تَبَرُّجَ الۡجَاہِلِیَّۃِ الۡاُوۡلٰی (پ 22 الاحزاب 33) | ترجموڪنزالايمان: ۽ پنهنجي گھرن ۾ پيون رهو ۽ بي پرده نه رهو اڳوڻي جاهليت جي بي پردگيءَ وانگر۔ |
هڪ ٻئي جڳهه تي ارشاد ٿئي ٿو سيپارو 18،سُوْرَهٔ نُوْر،آيت نمبر31
| وَ قُلۡ لِّلۡمُؤۡمِنٰتِ یَغۡضُضۡنَ مِنۡ اَبۡصَارِہِنَّ وَ یَحۡفَظۡنَ فُرُوۡجَہُنَّ وَ لَا یُبۡدِیۡنَ زِیۡنَتَہُنَّ اِلَّا مَا ظَہَرَ مِنۡہَا وَ لۡیَضۡرِبۡنَ بِخُمُرِہِنَّ عَلٰی جُیُوۡبِہِنَّ ۪وَ لَا یُبۡدِیۡنَ زِیۡنَتَہُنَّ (پ۱۸،النور:۳۱) |
| ترجموڪنزالايمان: ۽ مسلمان عورتن کي حڪم ڏيو ته پنهنجون نظرون ڪجهه جهڪيون رکن ۽ پنهنجي پاڪدامني جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجو سينگار نه ڏيکارين مگر جيترو پاڻ ظاهر هجي ۽ جڳائي ته پنهنجي گريبانن کي رئوا ويڙهي رکن ۽ پنهنجي سينگار کي ظاهر نه ڪن. |
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معاشري جي بگاڙ ۽ سُڌار ۾ عورت جو هڪ وڏو ڪردار هوندو آهي، مثال طور جيڪڏهن عورت نيڪ،پرهيزگار ۽ حيادار هوندي ته اُهي ئي خوبيون ان جي نسلن ۾ به منتقل ٿينديون تنهنڪري عورتن کي