Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

سُبْحٰنَ الله عَزَّ وَجَلَّ !چشمِ فلڪ حياءُ جو اهڙو انوکو نظارو شايد ئي ڪٿي ڏٺو هوندو، ان باوجود جو وصالِ مُصْطَفٰي کان پوءِ سڄي ڄمار غمِ مصطفٰي جو غلبو رهيو، پر ان جي باوجود پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُا آخري ساھ تائين حيا جو دامن مضبوطي سان جهلي رکيو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُا کي فقط اها ئي ڳڻتي رهي ته ڪٿي مرڻ کان پوءِ منهنجي ڪفن تي ڪنهن غير مرد جي نگاھ نه پئجي وڃي۔

اهڙي طرح صحابيهء رسول حضرتِ سيدَتُنا اُمِّ خلّاد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْها جو واقعو آهي هڪ جنگ ۾ سندن پٽ شهيد ٿي ويو۔ پاڻ رَضِي اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا انهن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ نقاب وجھي باپردہ بارگاھِ رسالت  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ حاضر ٿيون، انهيءَ تي ڪنهن حيرت سان چيو: ھن وقت به اوھان نقاب وجھي رکيو آھي! چوڻ لڳيون: مون پٽ ضرور وڃايو آھي، حياءُ ناھي وڃايو۔

 (سُنَنُ اَ بِي دَاودج۳ ص۹حديث۲۴۸۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! پردي جو اهتمام جو پٽ شهيد ٿيڻ جي باوُجُود سيدَتُنا اُمِّ خلّاد رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْها ’’پردو‘‘ برقرار رکيو۔ پر افسوس! في زمانه مغربي تهذيب کان متاثر ٿي اسان جي معاشري ۾ پردي کي مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ ٻوجھ سمجھڻ شروع ڪيو آهي۔ ياد رکو! شيطان اهو ئي چاهي ٿو ته ڪنهن طرح عورت کي بي پرده ڪري شرم ۽ حياءُ کي سَرِبازار ليڙون ليڙون ڪيو وڃي ۽ مردن کي بدنگاهي جي آفت ۾ وجھي انهن کي به ربِّ قهار جي ناراضي ۽ جهنم جي عذاب جو حقدار بڻايو وڃي، تڏهن ته شيطان ۽ ان جي پيروڪارن پهريان اهو نَعْرو بُلَند ڪيو ته ”مرد ۽ عورت ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلن، ان جي اها نُحُوست ظاهر ٿي ته گھر جي چارديواري ۾ مَحْفوظ عورت بي پرده ٿي گھر کان ٻاهر نڪري آئي ۽ ڪجھ عرصي کان پوءِ اهو جملو به ٻُڌڻ جي لاءِ مليو ته ليڊيز فرسٽ (Ladies First) يعني ” پهرين خواتين “ يعني پهرين ته عورت کي مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهاريو ۽ پوءِ هڪ قدم اڃا وڌيڪ اڳتي پهچايو۔ اسان جون عورتون اهو سمجھڻ لڳيون ته هن جُملي جي ذريعي معاشري ۾ اسان کي عِزت وقار ڏنو پيو وڃي حالانڪه هن جُملي جو مَقصَد هن