Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

پانچ(5) سُوالَ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جواني يقينًا اللہ عَزَّوَجَلَّ جي عَطا ڪيل نعمتن مان هڪ عظيم نعمت آهي ته جنهن جو ڪو ملھ ناهي، هڪ ڀيرو گذري وڃي ته پوءِ اَربين، کربين روپيا خَرچ ڪرڻ سان به حاصل نٿي ٿي سگھي، جيڪڏهن اسان دُنيا ۾ رهندي پنهنجي جواني اللہ عَزَّوَجَلَّ جي اِطاعت ۽ عِبادت ۾گذاري ہوندي ته اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ قيامت جي ڏينهن حَسرت ۽شرمندگي کان بچي وينداسين، نه ته ان نعمت جي ناقَدري جي سبب شَديد ذِلَّت ۽ خَواري کي منهن ڏيڻو پوندو۔ ڇو جو قيامت جي ڏينهن جواني جي مُتَعَلّق به سوال ڪيو ويندو۔ جيئن ته ....

شفيعِ روزِ شُمار، ٻنهي جهانن جي مالڪ ومختار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: انسان ان وقت تائين قيامت جي ڏينهن پير نه هٽائي سگهندو، جيستائين جو هنن پنجن سوالن جا جواب نه ڏئي. (1) تو زندگي ڪيئن گذاري؟ (2) جواني ڪيئن گذاري؟ (3) مال ڪٿان ڪمايو ۽ (4) ڪٿي ڪٿي خرچ ڪيو؟ (5) پنهنجي علم جي مطابق ڪيتري قدر عمل ڪيو؟ ([1])

جيڪو خُوش نصيب پنهنجي جواني جي قَدر ڪندي نَفساني خواہشن کان مُنهن موڙي ڪري خالصتًا، اللہ عَزَّوَجَلَّ جي رِضا جي حُصول جي خاطر پنهنجا ڏينهن ۽ رات عِبادت ۽ رِياضت ۾ گذاريندو آهي، ته اهو دُنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون حاصل ڪري وٺندو۔ اچو ته! انهيءَ متعلق چار (4) فرامينِ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻُڌون ٿا:

 



[1]… ترمذی، کتاب صفۃ القیامۃ...الخ، باب فی القیامۃ،۴/۱۸۸،حدیث: ۲۴۲۴