Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

تنهنڪري جيستائين جواني باقي ۽ صحت سَلامت آهي ته ان کي وڌ کان وڌ عبادت ۾ گذارڻ تمام ضروري آهي۔

عبادت گذار نوجوان

هڪ بُزرگ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته مون هڪ نوجوان کي آبادي ۽ ماڻهن کان جُدا جُدا اڪيلو جهنگ ۾عبادت ۾ مصروف ڏٺم۔ مون ان نوجوان کي سلام ڪيو، ان نوجوان جواب ­ڏنو۔ پوءِ مون ان نوجوان کي چيو: اي نوجوان! تون ڪهڙي سبب وِيران جڳھ اختيار ڪئي آهي، جتي تنهنجو نه ڪو مددگار آهي، نه رفيق؟ ان چيو: ڇو نه، مون کي پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ جو قسم! منهنجو مددگار به آهي ۽ رفيق به۔ مون پڇيو: (تنهنجو) مددگار۽ رفيق ڪٿي آهي؟ ان نوجوان جواب ڏنو:اهو پنهنجي عزّت سان گڏ مون تي فَوقِيت رکي ٿو، پنهنجي عِلم۽ حڪمت سان، مون سان گڏ آهي، پنهنجي ہدايت سان منهنجي سامهون ۽ان جي نِعمت ۽ عظمت منهنجي ساڄي ۽ کاٻي آهي۔ جڏهن مون هي ڪلام ٻُڌو ته عرض ڪيو: ڇا توهان مونکي پنهنجي صُحبت اِختيار ڪرڻ جي اجازت ڏيندا؟ ته اهو نوجوان چوڻ لڳو: توهان جي رفاقت مون کي عبادت کان غافِل ڪري ڇڏيندي ۽ آئون ان ڳالھ کي پسند نه ٿو ڪريان، (ڇو جو) اوڀر کان اولھ تائين زمين جو بادشاھ منهنجي لاءِ ڪافي آهي۔ مون پڇيو:توهان کي ان جڳھ تي وَحشَت (گھٻراهٽ) نه ٿي ٿئي؟ ان نوجوان شخص مون کي جواب ڏنو:جنهن جوحبيب ۽ اَنيس، اللہ عَزَّوَجَلَّ ہجي، ان کي ڇو وَحشَت ٿيندي؟ مون پڇيو: کاڌو ڪيئن کائيندا آهيو؟ جواب ڏنائون: جڏهن آئون ننڍو هئس ته ان(ربّ عَزَّوَجَلَّ ) پنهنجي مهرباني ۽ ڪرم سان ماءُ جي پيٽ اندر ۾ به مون کي غِذا ڏني ۽ هاڻي جڏهن ته