Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

آهي، تنهنڪري سمجھدار اهو ئي آهي جيڪو ان مختصر وَقت کي غنيمت ڄاڻيندي قبر ۽ حشر جي تياري ۾ مشغول ٿي وڃي ۽ هڪ گھڙي به پنهنجو قيمتي وَقت فُضُول ڪمن ۾ برباد نه ڪري، ڇو جو معلوم ناهي ته ايندڙ وقت ۾ اهو زِندہ به رهندو يا موت ان کي ڊگھي عرصي جي لاءِ گھِري ننڊ سُمهاري ڇڏيندو۔ تنهنڪري جواني ۽ زندگي کي غنيمت ڄاڻيندي نيڪين ۾ مشغول ٿي وڃو۔

حديثِ پاڪ ۾ اِرشاد ٿئي ٿو ته پنج (5) شين کي پنج (5) شين پہريان غنيمت ڄاڻو: ’’پوڙهائپ کان پہريان جواني کي، بيماري کان پہريان تَندُرُستي کي، فقيري کان پہريان اميري کي، مَصروفيت کان پہريان فُرصَت کي ۽ موت کان پہريان زِندَگي کي۔‘‘([1]) جيڪڏهن اسان به پنهنجي جواني کي غَفلت ۾ گذارڻ جي بجائي قبر ۽ آخرت جي تياري ۾ مشغول ٿي وينداسين ته ان جي برڪت سان نه صرف اسان جي دُنيا بہتر ٿيندي بلڪه قَبر ۾ به رَبّ تَعاليٰ جي نَوازشون نصيب ٿينديون۔ اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ ، اچو ته! انهيءَ متعلق ۾ هڪ تمام ئي پياري حڪايت ٻُڌون ٿا۔

ٻن (2) جنتن جي خوشخبري

اَمِيرُالمُؤمنين حضرت سَيدُنا عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي زماني ۾ هڪ صالح نوجوان مسجد ۾ عبادت ۾ مشغول رهندو هو۔ جڏهن ان جو اِنتقال ٿي ويو ته (راتون رات ان جي غسل ۽ ڪفن دَفن جو انتظام ڪرڻ کان پوءِ) صُبح جنهن وَقت اَمِيرُالۡمُؤمنين حضرت سَيدُنا عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي



[1]…مِشْکَاۃُ المَصَابِیْح،کتاب الرقاق، الفصل الثانی، ۲/۲۴۵، حدیث:۵۱۷۴