Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

عبادت میں گزرے مری زِندگانی

 

کرم ہو کرم یا خدا یا اِلٰہی

(وسائلِ بخشش ص 105)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم، مَدرَسَةُ المدينه بالغان!

اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿيڻ جي بَرَڪت سان جتي ٻيا بي شُمار فَائِدا حاصل ٿيندا آهن اُتي ذيلي حلقي جي ٻارنهن12 مدني ڪمن ۾ اڳتي وڌي ڪري حِصَّو وٺڻ جو ذِہن به بڻجندو آهي۔ ذيلي حلقي جي ٻارنهن 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم مَدرَسَةُ المَدِينه بَالِغان به آهي۔ مَدۡرَسَةُ الۡمدينه بالِغان ۾ قُرآنِ پاڪ جي تَعۡلِيم ڏني ويندي آهي۔ قرآنِ پاڪ سکڻ سِيکارڻ جي وڏي فَضِيلت آهي۔ جيئن ته،

حَضۡرَتِ سَيِّدُنا عُثمانِ غَنِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته شَہَنشاہِ مدينه، قَرارِ قَلب وسينه، صاحبِ مُعطَّر پسينه، باعثِ نُزولِ سڪينه، فَيضِ گَنجِينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو:”خَیْرُکُمْ مَنْ تَعَلَّمَ الْـقُرْاٰنَ وَعَلَّمَه“ يعني توهان مان بهترين شخص اهو آهي جيڪو قرآنِ پاڪ سکي ۽ سيکاري .

(صحیح البخاري،کتاب فضائل القرآن،باب خیرکم ...الخ،الحدیث۵۰۲۷،ج۳،ص۴۱۰)

اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ قرآنِ پاڪ سکڻ ۽ سيکارڻ جي ضرورت ۽ اهميت جي پيشِ نظر قرآنِ پاڪ جي تعليمات کي عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي تحت اسلامي ڀائرن جي لاءِ عمومًا بعد نمازِ عشاء مختلف مسجدن وغيره ۾ هزارين مدرسة المدينہ بالِغان جي ترڪيب هوندي آهي ۽ اسلامي ڀينرن جي لاءِ مختلف مقامن)۽ وقتن تي هزارين مدرسة المدينہ بالغات جي ترڪيب