Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

مُرتّب ڪيو (جنهن جو سنڌي ترجمو به شايع ٿيل) آهي۔ هن رِسالي ۾ قرآني آيات، نصيحت آموز احاديثِ پاڪ ۽ مختلف بُزرگن جي حڪمت سان ڀرپُور واقعن جي ذريعي نوجوان طبقي کي عبادت جي طرف راغب ڪرڻ، اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو سچو غلام بڻائڻ ۽ قبر ۽ آخرت جي فڪر پيدا ڪرڻ جي ترغيب ڏياري وئي آهي۔ توهان به هن رسالي کي مڪتبةُ المدينه کان ھَدِيةً طلب فرمائي ڪري اَوَّل تا آخر مُطالَعو فرمايو، اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ هي رسالو جواني جي مَقصد کي سمجھڻ ۽ عبادت ۾ دل لڳائڻ ۾ ڪافي حد تائين مُعاوِن ثابت ٿيندو۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان انهن ڪتابن ۽ رسالن کي پڙھي به سگھجي ٿو ۽ ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بَيان جو خُلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان جواني ۾ عبادت جا فضائل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي۔ جيڪي ماڻهو پنهنجي جواني جي گلشن کي عبادت ۽ رِياضت جي خُوش نُما مہڪندڙ گُلن سان سجائيندا آهن، اهي اللہ عَزَّوَجَلَّ کي تمام گھڻا محبوب ہوندا آهن، ان جي پيشانين مان عبادت جو نُور نظر ايندو آهي ۽ اهي پوڙهائپ ۾ به صحت ۽ تندرست رہندا آهن ۽ مرڻ کان پوءِ جنَّت جي اَبدي (هميشه رهڻ وارين) نعمتن کان لُطف اَندوز ٿيندا آهن۔ اي ڪاش! اسان به پنج وَقت باجماعت نماز مسجد جي پہرين صَف ۾ پڙھڻ وارا پڪا نمازي، تہجد، اِشراق ۽ چاشت جا نوافل جا عادي ۽ سُنّتن تي عمل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم