Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

عبادت گذار نوجوان جو مقام

﴿1پنهنجي جواني ۾عبادت ڪرڻ واري نوجوان کي، پوڙهائپ ۾ عبادت ڪرڻ واري پوڙهي تي ائين ئي فضيلت حاصل آهي ته جيئن مُرسَلِين عَـلَيْـھمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي سڀني نبين تي۔([1])

ٻاهتر (72)صِدّيقن جي ثواب جو حقدار

﴿2جنهن نوجوان دُنيا جي لذت ۽ ان جي عيش وعِشرت کي ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي جواني ۾ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي اِطاعت جي طرف اڳرائي ڪئي، اللہ عَزَّوَجَلَّ ان خوش نصيب کي ٻاهتر (72) صِدّيقِن جي برابر ثواب عطا فرمائيندو۔ ([2])

الله عَزَّوَجَلَّ جو حقيقي ٻانهو

﴿3بيشڪ اللہ عَزَّوَجَلَّ پنهنجي مخلوق ۾ ان خُوبصورت نوجوان کي سڀ کان وڌيڪ پسند فرمائيندو آهي جيڪو پنهنجي جواني ۽ حُسن و جمال کي اللہ عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ۾ صَرف ڪري ڇڏيو، اللہ عَزَّوَجَلَّ فرشتن جي سامهون اهڙي ٻانهي تي فَخر ڪندي ارشاد فرمائيندو آهي ته ”هي منهنجو حقيقي ٻانهو آهي۔“ ([3])

الله عَزَّوَجَلَّ جو محبوب ٻانهو

﴿4بيشڪ اللہ عَزَّوَجَلَّ ان نوجوان سان مَحَبَّت فرمائيندو آهي جنهن پنهنجي جواني کي اِطاعتِ خُداوَندي ۾ فنا ڪري ڇڏيو هجي۔([4])

 

محبت میں اپنی گُما یا اِلٰہی

 

 

نہ پاوں میں اپنا پتا یا اِلٰہی

 



[1]… الترغیب فی فضائل الاعمال و ثواب ذلک،ص۷۸،حدیث:۲۲۸

[2]…کنزالعمال، کتاب المواعظ والرقائق...الخ،الفصل الاول،الترغیب الاحادی من الاقوال،الجزء: ۱۵،۸/۳۳۲ ،حدیث:۴۳۰۹۹

[3]کنزالعمال،الفصل الاول،کتاب المواعظ والرقائق والخطب و الحکم،الترغیب الاحادی من الاقوال،الجزء: ۱۵،۸/۳۳۲ حدیث:۴۲۰۹۶

[4]…حلیۃ الاولیاء،عبد الملک بن عمر بن عبد العزیز،۵/۳۹۴،حدیث:۷۴۹۶