Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

عبادت جي بَرَڪت سان پوڙهائپ ۾ به جوان

حضرت علامه ابن رجب حنبلي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی جواني ۾ عبادت جي متعلق فرمائن ٿا: ”جنهن الله عَزَّوَجَلَّ کي ان وقت ياد رکيو جڏهن هو جوان ۽ صحتمند هو، الله عَزَّوَجَلَّ ان جو ان وقت خيال رکندو جڏهن هو پوڙهو ۽ ڪمزور ٿي ويندو ۽ اُن کي پوڙهائپ ۾ به بهتر ٻڌڻ جي قوّت، نظر، طاقت ۽ ذهانت عطا فرمائيندو. حضرت ابوالطيب طِبري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن سئو سال کان وڌيڪ عمر گذاري، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ذهني ۽ جسماني لحاظ کان تندرست ۽ صحتمند هئا، سندن کان ڪنهن صحت جو راز پڇيو ته ارشاد فرمايائون: مون جواني ۾ پنهنجي جسماني صلاحيتن کي گناهن کان محفوظ رکيو ۽ اڄ جڏهن مان پوڙهو ٿي ويو آهيان ته الله عَزَّوَجَلَّ انهن کي منهنجي لاءِ باقي رکيو آهي. ان جي برعڪس حضرت جنيد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن هڪ پوڙهي شخص کي ڏٺو جيڪو ماڻهن کان سوال(خيرات) گهري رهيو هو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايو: هن شخص جواني ۾ الله عَزَّوَجَلَّ (جي حقوق) کي ضايع ڪيو ته الله عَزَّوَجَلَّ پوڙهائپ ۾ هِن (جي قوت) کي ضايع فرمائي ڇڏيو. (مجموعہ رسائلِ ابنِ رجب ،قولہ یحفظک،۳/۱۰۰ملخصاً )

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته اللہ عَزَّوَجَلَّ جي نيڪ ٻانهن پنهنجي جواني جي گُلشن کي عبادت ۽ رياضت جي پاڻي سان سيراب ڪيو ۽ گُناهن کان بچندا رهيا، ته اللہ عَزَّوَجَلَّ پوڙهائپ ۾ به انهن تي جواني جا اثرات باقي رکيا۔ پر افسوس! اسان جي نوجوان نَسل عبادت ۽ تِلاوت ۾ مشغول رہڻ جي بجائي موبائل فون، اِنٽرنيٽ، سوشل ميڊيا (Social Media) ۽ ٽي وي جي غلط استعمال جي سبب پنهنجو قيمتي وَقت بي دَردي ۽ بي فڪري سان برباد