Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

آئون وڏو ٿي ويو آهيان ته اهو (ربّ عَزَّوَجَلَّ ) منهنجي ڪفالت ڇو نه فرمائيندو، منهجي لاءِ ان وٽ مُقَرَّر ٿيل رِزق آهي ۽ ان جو وَقت به لکيل آهي۔

پوءِ مون ان نوجوان شخص کي دُعا جي دَرخواست ڪئي ته ان مون کي هن طرح دُعا ڏني: اللہ عَزَّوَجَلَّ توهان جي اکين کي پنهنجي نافرماني کان محفوظ فرمائي، توهان جي دل کي پنهنجي خوف سان ڀري ڇڏي ۽ توهان کي ان ماڻهن مان نه بڻائي، جيڪي ان جي غير ۾مشغول ٿي ڪري عبادت کان غافل ٿي ويندا آهن۔ ان کان پوءِ جڏهن اهي نوجوان وڃڻ جي لاءِ اُٿي بيٺا ته مون ان جي ويجھو وڃي ڪري عرض ڪيو: اي منهنجا ڀاءُ! وري ڪڏهن توهان سان مُلاقات ٿيندي؟ ته اهي مُسڪرائي ڪري چوڻ لڳا: اڄ کان پوءِ دنيا ۾ ته توهان سان مُلاقات نه ٿي سگھندي۔ ہا! قيامت جي ڏينهن جڏهن سڀ ماڻهو جمع ٿيندا ان وقت جيڪڏهن توهان مون سان ملڻ چاهيو ته دِيدارِ الٰہي ڪرڻ وارن ۾ مون کي تلاش ڪجو۔ مون پڇيو: توهان کي اهو ڪيئن معلوم ٿيو؟ جواب ڏنائين: ان (ربّ عَزَّوَجَلَّ ) جي عزّت جي قسم! انهي جي سبب معلوم ٿيو، ڇو جو مون پنهنجي اک کي حرام ڪيل شين کان ۽ پنهنجي نَفس کي خواہشن جي حُصُول کان باز رکيو ۽ رات جي انڌيري ۾ ان جي عبادت جي لاءِ اڪيلائي اِختيار ڪئي، (مون کي اُميد آهي ته اهو مون کان خُوش ہوندو۽) اِن جي بدلي اهو مون کي پنهنجو دِيدار ڪرائيندو۔ پوءِ اهو نوجوان غائب ٿي ويو، ان کان پوءِ ڪڏهن ان نوجوان شخص سان مُلاقات نه ٿي سگھي۔([1])

رہوں مست و بے خُود میں تیری وِلا میں پِلا جام ایسا پِلا یا اِلٰہی (وسائلِ بخشش ص 105)

 



[1]… الروض الفائق،المجلس الحادی و الثلاثون فی مناقب الصالحین،ص۱۶۶-۱۶۷