Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

غمخواري ۽ روحاني علاج جي لاءِ، تعويذاتِ عطاريه آن لائن، ڪاٽ ۽ استخارہ به ڪرائي سگھو ٿا۔ ان کان علاوہ دعوتِ اسلامي جي ڪجھ شعبه جات جو تعارف به شَامل آهي، ڪم و بيش 97 کان وڌيڪ شعبه جات ۽ دعوتِ اسلامي جي ٻين ڪيترن ئي مدني ڪمن ۾ ٿيڻ وارا لکين روپين جي اخراجات ۾ بذريعه انٽرنيٽ مالي معاونت جو مڪمل طريقي ڪار به ڏنو ويو آهي، جنهن جي ذريعي توهان صدقاتِ واجبه (مثلاً زڪوٰة، فطرو، عُشر، روزن جو فِديو، قَسَم جو ڪفّارو، مِنَّت وغيرہ) ۽ نافله (صدقات ۽ خيرات وغيرہ) جي ذريعي نيڪي جي ڪمن ۾ حصو وٺي سگھو ٿا، گڏوگڏ سافٽ وئير جي صورت ۾ المدينه لائبريري به آهي، جنهن کي ڪمپيوٽر ۾ اِنسٽال (Install) ڪري سرچنگ آپشن (Searching Option) جي مدد سان 200 کان وڌيڪ ڪتابن ۽ رسالن مان فائدو حاصل ڪري سگھجي ٿو، گڏوگڏ اوقاتُ الصلوٰة سافٽ وئير جي ذريعي مختلف ملڪن ۽ شہرن ۾، سحر ۽ اِفطار ۽ نماز جا وقتَ به معلوم ڪري سگھجن ٿا۔ اللہ عَزَّوَجَلَّ اسان کي دؤرِ جديد جي ان اِيجادن جو صحيح استعمال ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ان جي غلط استعمال ۽ گُناھن کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪين ۾ دل لڳائڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ ڪنهن گُناھ کي ننڍو سمجھي ڪري ہرگز نه ڪريو، ڇو جو هڪ گُناھ ڪيتريون ئي بُرائين جو مجموعو ہوندو آهي، يعني مزيد ڏھ (10) بُرائيون پاڻ سان گڏ آڻيندو آهي. جيئن ته

گُناھ جي دس(10) نُقصانات

اَمِيرُالۡمُؤمِنِين حضرت سَيدُنا عمر بن خطّاب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جن فرمايو: گُناھ