Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

 

محبت میں اپنی گُما یا اِلٰہی

 

 

نہ پاوں میں اپنا پتا یا اِلٰہی

تُو اپنی وِلایت کی خَیْرات دیدے

 

مِرے غَوث کا واسِطَہ یا الٰہی

(وسائلِ بخشش ص 105)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته جواني جي قَدر ڪرڻ وارن تي اللہ عَزَّوَجَلَّ ڪهڙو خاص فَضل ۽ ڪرم فرمائيندو آهي جو ان کي پنهنجي محبوب ٻانهن ۾ شامل فرمائي وٺندو آهي۔ تنهنڪري نوجوانن جي خِدمت ۾ عرض آهي، ته جيڪڏهن پوڙهائپ ۾ سُڪون ۽ اِطمينان واري زِندگي گُذارڻ جا خواہشمند آهيون ته جواني جي نعمت کي غنيمت ڄاڻيندي ان فاني دُنيا جي پويان ڀڄڻ جي بجائي پنهنجي نَفس کي عبادت ۽ رِياضت جي طرف مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ۔ جڏهن ته هي بي حَد مشڪل آهي، ڇو جو جوانيءَ ۾ اُميدون ۽ خواہشون عُروج تي ہونديون آهن، پر جيڪڏهن اسان ٻين مُعاملن سان گڏوگڏ حُضُور ِاَڪَرَم، نُورِمُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيروي ڪندي حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي عِبادت ۽ رِياضت سان سينگاريل پاڪيزہ زندگي جي مطابق عمل ڪنداسين، ته اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ اسان جي زندگي ۾ به مدني بہارون اچي وينديون۔

آقا عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جو ذَوقِ عبادت

حَضۡرَتِ سَيّدُنَا عَطَاء رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: آئون ۽ مون سان گڏ حَضۡرَتِ سَيّدُنَا اِبنِ عمر ۽ حَضۡرَتِ سَيّدُنَا عُبَيۡد بِن عَمۡروۡ رِضۡوَانُ اللهِ تَعَالٰی عَلَیۡھِمۡ اَجۡمعِیۡن اُمُّ الۡمُؤمِنِيۡن حَضۡرَتِ سَيِّدَتُنا عائشه صدّيقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي بارگاھِ عاليه ۾ حاضر ٿياسين۔