Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

ڪيترائي نوجوان، دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي چڪا آهن ۽ اُنهن جي بي رونق زندَگين ۾ مَدَني بہارون اچي ويون ۽ اهي پنهنجي جواني جي پُر بہار ڏينهن ۾، اللہ عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي پياري رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نالي تي وقف ٿي ڪري ان مدَني مقصَد ”مون کي پنهنجي ۽ پُوري دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشِش ڪرڻ آهي“ کي عام ڪرڻ وارا بڻجي ويا۔

اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ

 

تم آجاؤ دیگا سِکھا مَدَنی ماحول

تمہیں لُطف آجائے گا زندگی کا

 

قریب آکے دیکھو ذرا مَدَنی ماحول

نبی کی مَحَبَّت میں رونے کا انداز

 

چلے آؤ سِکھلائے گا مَدَنی ماحول

سَنور جائے گی آخِرت اِنْ شَآءَ اللہ

 

تم اپنائے رکّھو سدا مَدَنی ماحول

(وسائلِ بخشش ص 646)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

رسالو ”جواني ڪيئن گذاريون؟“ جو تعارُف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نوجوانن ۾ عبادت جو ذَوق پيدا ڪرڻ ۽ سُنَّتن تي عمل جو شوق وڌائڻ جي لاءِ، شيخِ طريقت، اميرِ اہلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامہ مولانا محمد الياس عطار قادِري، رضوي، ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن ۱۸ ربيعُ الاَوَّل ۱۴۱۲ھ بمطابق 26 ستمبر1991ء ہفتيوار سُنَّتن ڀري اجتماع ۾ دعوتِ اسلامي جي پهريائين مدني مرڪز جامع مسجد گلزارِ حَبِيب (واقع گلستانِ اَوڪاڙوي بابُ المدينه ڪراچي) ۾ ’’جواني جي عبادت جون فَضيلتون“ جي عُنوان سان بيان فرمايو، اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ اَلۡمَدِينَةُ الۡعِلۡمِيہ ان بيان جي مدد سان نئين مواد جي ڪافي اضافي سان گڏ ”جواني ڪيئن گذاريون؟“ جي نالي سان هڪ رسالو