Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

نوجوانن جي اِصلاح ۽ دعوتِ اسلامي جو ڪردار

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن پُرفِتَن دَؤر ۾ قرآن و سُنَّت کان دُور، جواني جي مَستي ۾ مَخۡمور، حِرص ۽ ہَوَسِ دُنيا جي نَشي ۾ چُور ۽ نفس وشيطان جي هٿان مجبور ٿي ڪري گُناهن جي سيلاب ۾ ٻڏندڙن نوجوانن جي اِصۡلاح ۽اَخۡلاقي تَربِيت جي لاءِ تبليغِ قرآ ن و سُنَّت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت 63 روزہ مدني تَربيتي ڪورس به ٿيندو آهي۔ ان ڪورس جي اِفادِيت و اَهميت جي مُتَعَلّق شيخِ طريقت، اَمِيرِ اَہلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه فيضانِ سُنَّت،جلد پهريون صفحہ 510پر فرمائن ٿا:

اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي صحبتن سان مالا مال 63 ڏينهن جو تربيتي ڪورس آخرت جي لاءِ ايتري قدر فائديمند آهي جو ان ۾ جيڪو سکڻ لاءِ ملندو آهي ان جـا تفصيل معلوم ٿي وڃڻ کان پوءِ دين جو درد رکڻ وارو هر مسلمان هيءَ حسرت ڪندو ته ڪاش مون کي به 63 ڏينهن وارو تربيتي ڪورس ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي وڃي. اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ بابُ المدينه کان علاوه ٻين شهرن ۾ به تربيتي ڪورس جو سلسلو ڪيو ويندو آهي. ان ۾ ڪجهه اهي علوم حاصل ٿيندا آهن جن جو سکڻ هر عاقل بالغ مسلمان تي فرض آهي۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ تربيتي ڪورس ۾ (اخلاقي تربيت سان گڏوگڏ) وضو، غسل کان سواءِ نماز جو عملي طريقو سيکاريو ويندو آهي، ميّت جي غسل، ڪفن دفن، جنازي ۽ عيد جي نماز جي تربيت ٿيندي آهي. رحماني قاعدي جي ذريعي صحيح اُچار سان قرآني حرفن جي ادائيگيءَ جي تعليم ڏني ويندي آهي ۽ قرآن ڪريم جون آخري 20 سورتون زباني حــفـظ ۽ سُوۡرَۃُ الۡمُلۡکِ جي مشق ڪرائي ويندي آهي۔ اَلۡحَمۡدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان