Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

هلڻ جون سُنتون ۽ آداب

* سيپاري 15 سورهءِ بني اسرائيل آيت نمبر 37 ۾ ارشاد ربُّ العِبَاد آهي:

وَ لَا تَمۡـشِ فِـی الۡاَرۡضِ مَـرَحًا ۚ اِنَّکَ لَـنۡ تَخۡرِقَ الۡاَرۡضَ وَ لَنۡ تَبۡلُغَ الۡجِبَالَ طُوۡلًا 0

 

ترجموڪنزالايمان: ۽ زمين ۾ آڪڙ ڪري نه هل بيشڪ تون زمين کي هرگز چيري نه سگهندين ۽ هرگز پهاڙن جي اوچائي کي نه پهچندين .

* فرمـانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: هڪ شخص ٻه چادرون پائي تڪَبُّر سان هلي رهيو هو ۽ گهمنڊ ۾ هو اهو زمين ۾ داخل ڪيو ويو ۽ اهو قيامت تائين زمين ۾ داخل ڪيو ويندوـ (صحيح مسلم ص 1156حديث 2088) * رسولِ اڪرم،نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هلندا هئا ته ڪجهه اڳيان طرف جهڪي هلندا هئا ڄڻ ته پاڻ مٿانهون کان هيٺ پيا لهن ـ (الشمائل المحمديه للترمذي ص 87 رقم 118) * جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ نه هجي ته رستي جي ڪناري ڪناري وچٿري چال هلو، نه ايترو تيز جو ماڻهن جون نگاهون اوهان ڏانهن ٿين ته تڪڙو تڪڙو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي! نه ايترو آهستي جو ڏسڻ واري کي اوهان بيمار لڳو * رستي تي هلندي بلاضرورت هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ سنّت ناهي، هيٺِ نِگاهه ڪري باوقار طريقي سان هلوـ * رستي تي ٻه عورتون بيٺيون هجن يا وڃي رهيون هجن ته انهن جي وچ مان نه گذرو جو حديث پاڪ ۾ هن جي مُمانعت آيل آهي. (ابوداؤد ج 4 ص 480 حديث 5273) * ڪجھ ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته رستي تي هلندي جيڪا به شيء سامهون آئي ان کي لتون هڻندي گذرندا آهن، هي بالڪل غير مُهَذَّب طريقو آهي ائين ڪرڻ سان ڪنهن جو پير