Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ

جواني ۾ عبادت

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

 

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺندا ڪريو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب حاصل ٿيندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

دُرودِ پاڪ جي فضيلت

شهنشاھِ خوش خصال، سلطانِ شيرين مقال صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ خوشبودار آهي: بيشڪ الله عَزَّوَجَلَّ هڪ اهڙو فرشتو منهنجي قبر تي مُقرّر فرمايو آهي، جنهن کي پُوري مخلوق جي آواز ٻڌڻ جي طاقت عطا فرمائي آهي، بس قيامت تائين جيڪو به مون تي دُروۡدِ پاڪ پڙهندو ته اهو (فرشتو) مون کي ان جو ۽ ان جي والد جو نالو پيش ڪندو رهندو ته فُلان بن فُلان

توهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي (هن وَقت) دُرُوۡدِ پاڪ پڙهيو آهي.

) مسندِ بزّار،الجزء الرابع عشر،مسند عمار بن یاسر،ابن الحمیری عن عمار،۴/۲۵۴،حدیث:۱۴۲۵(