Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

ڌوڪي ۾ مبُتلا ٿي ڪري ڊگھيون ڊگھيون اُميدون رکندي، غَفلت جي چادر پائي ڪري شرعي اَحڪامن تي عمل نه ڪندي توبھ جي مُعاملي ۾ مسلسل بهانو ڪندي خُود کي ان طرح دِلاسو ڏيندا آهن ته ”اڃا ته منهنجي راند روند جا ڏينهن آهن“، ”فُلان کي ڏسو ان جي ته ايتري وڏي عُمر ٿي چڪي آهي، پر اڃا تائين زندہه آهي جڏهن ته آئون ته اڃا تندرست ۽ جوان آہيان“، هن طرح جي ڪوڙين ۽ کَوکَلي اُميدن جي سہاري زِندہ رہندا آهن، پوءِ جيئن جيئن جواني جو زَوال شروع ٿيندو آهي ته پوڙاهپ به پنهنجي پاڙ مَضبوط ڪندي ويندي آهي، پوءِ وڃي ڪري اهڙن کي ہوش ايندو آهي ته هاڻي ته مون کي توبھ ڪري پاڻ کي گُناهن کان بچائڻ ۽ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي خُوب خُوب عبادت بَجا آڻڻ جو پُختو اِرادو ڪرڻ گھرجي۔ پوءِ جيڪڏهن نيڪين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي به ويندا آهن پر جواني جي ڏينهن کي ياد ڪري دل کي تڙپائيندا ۽ لڙڪ وهائيندا آهن ته...

اي ڪاش ! آئون پنهنجي جواني کي عبادت ۽ رِياضت ۾ گذاري وٺان ها، پر آھ! جواني ته ڪلهه گذريل ”ڏينهن“ وانگر گذري وئي ۽ هاڻي موٽي ڪري وري ڪڏهن به واپس نه ايندي۔

توبھ ۾ تاخير جا سببَ

حُجَّةُ الاسلَامحضرت سَيدُنا امام ابُو حامد محمد بن محمد غزاليرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عبادت کان غافل جوانن ۽ توبھ ۾ بهانو ڪرڻ وارن کي نصيحت جا مدني گُل اِرشاد فرمائن ٿا: جيستائين توبھ ۾ تاخير ۽ بَهاني جي ڳالھ آهي تو ان ڳالھ تي غور ڪري ته اَڪثر دَوزخي توبھ ۾ تاخير جي سبب رڙيون ڪري رهيا هوندا ڇو جو بهانو ڪرڻ وارو پنهنجي مُعاملي جي بُنياد آئندہ زندگي کي بڻائيندو آهي، جيڪا ان جي اختيار ۾ناهي۔ ممڪن آهي اهو ”سڀاڻي“ تائين زِندہ نه رهي