Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

۽ جيڪڏهن باقي رهجي به ويو ته جهڙي طرح ”اڄ “ گُناھ کي نٿو ڇڏي سگھي ته ممڪن آهي ”سڀاڻي“ به ان جي تَرڪ (ڇڏڻ) تي قُدرت نه رکي۔ ڪاش! هي ڄاڻي وٺي ها ته ”اڄ“ ان جي توبھ ۾ رُڪاوٽ شَہوَت جو غلبو آهي ۽ شَہوَت ته ”سڀاڻي“ به ان کان پَري نه ٿيندي، بلڪه وڌي ويندي، ڇو جو عادت جي سبب هي مزيد پُخۡتَه ٿي ويندي آهي ۽ جنهن شَہۡوَت کي اِنسان عادت جي ذريعي پُختو ڪري ڇڏيندو آهي، اها هاڻي ان طرح ناهي جنهن کي ان پُختونه ڪيو۔ هن سبب توبھ ۾ بهانا ڪرڻ وارا ہلاڪ ٿي ويا، ڇو جو هي ٻه هم شڪل شين ۾ ته فرق سمجھندا آهن، پر هي نه ٿا سوچن ته شہوتن کان ڇٽڪارو حاصل ڪرڻ مشڪل آهي ۽ ان مُعاملي ۾ سڀ ڏينهن هڪ جهڙا (برابر) آهن۔

(ياد رکو!) توبھ ۾ تاخير ڪرڻ واري جي مثال ان ماڻهو وانگر آهي، جنهن کي هڪ وڻ کي پَٽڻ جي ضرورت هجي، پر جڏهن اهو ڏسندو آهي ته وڻ مضبوط آهي ۽ ان کي سخت تڪليف کان سواءِ نه ٿو پَٽي سگھجي ته هي چوندو آهي ته آئون ان کي هڪ سال کان پوءِ پٽيندس، جڏهن ته هي ڄاڻي ٿو ته وڻ جيستائين قائم رہندو آهي، ان جون جَڙون مضبوط ٿينديون ويندون آهن ۽ خود ان (توبھ ۾ تاخير ڪرڻ واري) جي عُمر جيئن جيئن وڌندي ويندي هي ڪمزور ٿيندو ويندو، ته دُنيا ۾ ان کان وڏو اَحمق (بيوقوف) ڪير ناهي جو ان وقت طاقت جي باوُجُود ڪمزور جو مُقابلو نه ڪيو ۽ ان ڳالھ جو منتظر رہيو ته جڏهن هي پاڻ ڪمزور ٿي ويندو ۽ ڪمزور شي مضبوط ٿي ويندي ته ان تي غلبو حاصل ڪري سگھندو!!! (احیاء العلوم،کتاب التوبۃ،الرکن الاول فی دواء التوبۃ...الخ،۴/۷۲ )

جہاں میں ہیں عبرت کے ہر سو نُمونے

 

مگر تجھ کو اَندھا کیا رنگ و بُو نے

کبھی غور سے بھی یہ دیکھا ہے تُو نے

 

جو آباد تھے وہ مَحَل اب ہیں سُونے