Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے

 

یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

مِلے خاک میں اَہلِ شاں کیسے کیسے

 

مکیں ہو گئے لا مکاں کیسے کیسے

ہوئے نامْوَر بے نشاں کیسے کیسے

 

زمیں کھا گئی نوجواں کیسے کیسے

جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے

 

یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جواني ۾ شرعي اَحۡڪامن ۽ اِطاعتِ الٰهي جي بَجا آوري ۾ سستي ڪرڻ ۽ گُناهن ڀري زندگي کان توبھ ۾ تاخير ڪرڻ وارن نوجوانن کي خوابِ غَفلت کان جڳائڻ جي لاءِ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو هي مُبارَڪ فرمان ڪافي آهي۔ عقلمند اهو ئي آهي جيڪو زِندگي کي غنيمت ڄاڻيندي گُناهن کان توبھ ڪري وٺي ۽ پنهنجي بقايا زندگي وڌ کان وڌ عبادتِ الٰهي ۾ گذاريندو رهي، بِالۡخُصُوص نوجوانن کي توبھ ۾ ہرگز تاخير نه ڪرڻ گھرجي، ڇو جو اللہ عَزَّوَجَلَّ کي نوجوان جي توبھ تمام گھڻي پسند آهي، جيئن ته رسولِ بي مثال، بي بي آمِنه جي لال صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: اِنَّاللّٰہَ تَعَالٰی یُحِبُّ الشَّابَّ التَّائِبَ يعني جواني ۾ توبھ ڪرڻ وارو شخص، اللہ عَزَّوَجَلَّ جو محبوب آهي۔([1]) هڪ ٻي جڳھ تي ارشاد فرمايو: مَا مِنْ شَیۡءٍ اَحَبُّ اِلَی اللّٰہِ مِنَ الشَّابِّ التَّائِبِ يعني اللہ عَزَّوَجَلَّ کي توبھ ڪرڻ واري نوجوان کان وڌيڪ پسنديدہ ڪو ناهي۔([2])

 



[1]…کنزالعمال،کتاب التوبۃ،الفصل الاول فی فضلہا والترغیب فیھا ،الجزء:۴،۲/۸۷،حدیث:۱۰۱۸۱

[2]… کنزالعمال،حرف المیم،کتاب المواعظ و الحکم ،الترغیب الاحادی من الاکمال،الجزء:۱۵،۸/۳۳۲،حدیث:۴۳۱۰۱