Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

قبضے میں دو عالم ہیں پَر ہاتھ کا تکیہ ہے

 

سوتا ہے چٹائی پر سَردار مدینے کا

(وسائلِ بخشش ص 180)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته! اسان جا بخشيل بخشايل آقا، اسان گھنگارن کي بخشوائڻ وارا مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم معصوم بلڪه سَيدُالمعصُومِين ۽ سَيدُالعَابِدين (عبادت گذارن جا سردار) ہئڻ جي باوُجُود ڪيتري قَدر گِريه ۽ زاري سان اللہُ رَبُّ العٰلمين عَزَّوَجَلَّ جي عِبادت ڪندا هئا، جڏهن ته حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۽ عظمت ايتري قَدر بُلند ۽ بالا آهي جو اللہ عَزَّوَجَلَّ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مالڪ ۽ مُختار بڻايو آهي، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بِاذنِ الٰهي، پنهنجي اِختيار سان روزِ محشر بخشش سان نااُميد ٿيڻ وارن گنهگارن جي شَفاعت فرمائيندا۔ حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي شانِ رِفعت نشان بيان فرمائن ٿا: (قيامت جي ڏينهن) سڀ کان پہريان آئون (پنهنجي مزار ِ فائضُ الاَنوار کان) ٻاہر تشريف آڻيندس، جڏهن ماڻهو گروھ جي صُورت ۾ ايندا ته آئون ئي انهن جو رہنُما ہوندس، جڏهن اهي (قيامت جي ہولناڪين جي سبب) خاموش ٿي ويندا، ته آئون ئي انهن جو خطيب (خطبو پڙهڻ وارو) ہوندس، جڏهن اهي روڪيا ويندا ته آئون ئي انهن جو سِفارشي ہوندس، جڏهن اُهي نااُميد ٿي ويندا ته آئون ئي انهن کي خُوشخبري ٻُڌائڻ وارو ہوندس۔ بُزرگي ۽ (اللہ عَزَّوَجَلَّ جي) تمام خزانن جون چاٻيون، ان ڏينهن منهنجي هٿن ۾ هونديون ۽ آئون اولادِ آدم ۾ اللہ عَزَّوَجَلَّ جي ويجھو سڀ کان وڌيڪ بُزرگي وارو هوندس، هڪ ہزار(1000) خدمت گُذار منهنجي اِرد گرد ہوندا۔ (دارمی،باب ما اعطی النبی من الفضل،۱/۳۹، حدیث:۴۸)

سُبۡحٰن اللّٰه عَزَّوَجَلَّ ! قُربان وڃو! اوَّلين ۽ آخرين جي سردار ۽ بِاِذنِ اللہ،