Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

حَضۡرَتِ سَيِّدُنَا ابنِ عمر رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا جن عرض ڪيو: اسان کي رَسُوۡلُ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي متعلق ڪا حيران ڪندڙ ڳالھ ٻڌايو۔ ته پاڻ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا روئي پيون ۽ ارشاد فرمايو: هڪ رات رَسُول اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون وٽ تشريف وٺي آيا ۽ فرمائڻ لڳا: مون کي اجازت ڏي ته آئون پنهنجي رَبّ عَزَّوَجَلَّ جي عبادت ڪريان۔ مون عرض ڪيو: مون کي پنهنجي خواہش جي بجائي، توهان جو رَبّ تَعاليٰ جي ويجھو ہئڻ وڌيڪ پسند آهي۔ جيئن ته حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم گھر جي هڪ ڪنڊ ۾ بيهي ڪري ڳوڙها ڳاڙڻ لڳا۔ پوءِ چڱي طرح وُضو ڪري قرآنِ ڪريم پڙھڻ شُروع ڪيو ته ٻيهر لڙڪ وهائڻ لڳا، ايستائين جو حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اکين مُبارَڪ کان نڪرڻ وارا مبارڪ لڙڪ زمين تائين وڃي پہتا۔ ايتري ۾ مُؤذّنِ رَسُول، حَضۡرَتِ سَيّدُنَا بِلَال حَبۡشِي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ حاضر ٿيا ته حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي روئيندو ڏسي ڪري عرض ڪيو: يارَسُول اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! منهنجا ماءُ پيءُ، اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي قُربان! ڪنهن شيء اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي روئاريو آهي؟ جڏهن ته توهان جي صَدقي ته اللہ عَزَّوَجَلَّ اوهان کان اڳين جا ۽ پوين جا گُناھ بخش فرمائيندو، ارشاد فرمايو: ڇا آئون شُڪر گذار ٻانهو نه ٿيان؟ ([1])

روتا ہے جو راتوں کو اُمّت کی محبّت میں

 

وہ شافِعِ محشر ہے سردار مدینے کا

راتوں کو جو روتا ہے اور خاک پہ سوتا ہے

 

غم خوار ہے، سادہ ہے مختار مدینے کا

قبضے میں دو عالم ہیں پَر ہاتھ کا تکیہ ہے

 

سوتا ہے چٹائی پر سَردار مدینے کا

(وسائلِ بخشش ص 180)

 



[1]… درّۃ الناصحین ،المجلس الخامس والستون:فی بیان البکاء ، ص۲۵۳-۲۵۴