Book Name:Hasnain Karimain ki Shan o Azmat

جيڪو هاڻي بالغ ٿي چڪو آهي، پر مون ان کي ڪڏهن ناهي چُميو، سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪڏهن اللہ عَزَّوَجَلَّ تنهنجي دل مان رحمت ڪڍي ورتي آهي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو قُصُور (ڏوھ) آهي۔

(المستدرک، من فضائل الحسن بن علی ،ج۴،ص ۱۶۱،حدیث:۴۸۴۶)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته اسان کي به پنهنجي ٻارن سان پيار ۽ مَحَبَّت سان پيش اچڻ، ہر معاملي ۾ انهن سان شفقت ڀريو سُلوڪ ڪرڻ ۽ انهن کي پاڻ سان گڏ کارائڻ گھرجي۔ ڳالھ ڳالھ تي مارڪُٽ ڪرڻ، جِھڻڪڻ، اکيون ڏيکارڻ اِنتہِائي نُقصان جو باعِث بڻجي سگھي ٿو، تنهنڪري ٻارن جي دِلجُوئي ۽ انهن جي بہتر تَربِيت ۽ پَروَرِش جي پُوري پُوري ڪوشِش ڪرڻ گھرجي۔ مڪتبة المدينه جو ڪتاب ”تربيتِ اولاد“ حاصل ڪريو، توهان کي معلوم ٿيندو ته اولاد جي تربيت ڪيئن ڪرڻي آهي؟ اهڙي طرح سرڪارِ اعَلِيٰ حَضۡرَتِ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه جو رِسالو ”اولاد کے حقوق“ جيڪو مڪتبة المدينه تان آسان ڪري شائع ڪيو ويو آهي، ان جو مطالعو به مُفيد رهندو۔ اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ. اچو ته! هاڻي ٻُڌون ته ٻارن کي خوش ڪرڻ جي ڇا فضيلت آهي، جيئن ته:

حَضۡرَتِ سَيدَتُنا عائِشه صِديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا روايت ڪن ٿيون ته خَاتَمُ الۡمُرۡسَلِين، رَحۡمَةُ لِّلۡعٰلَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلِيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: ”بيشڪ جنَّت ۾ هڪ گھر آهي جنهن کي ”اَلۡفَرۡحۡ“ چيو ويندو آهي۔ ان ۾ اهي ئي ماڻهو داخل ٿيندا جيڪي ٻارن کي خُوش ڪندا آهن۔“ (جامع صغیر ،الحدیث۲۳۲۱، ص۱۴۰)

اعَلِيٰ حَضۡرت، اِمَام اَہلسُنّت مولانا شاھ اِمَام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلِيه هڪ سُوال جي جَواب ۾ پيءُ تي اَولاد جا حقَ بيان ڪندي فرمائن ٿا ته پيءُ