Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان مَحَبّت ڪئي ان مون سان مَحَبّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مِشڪاة المَصابيح ، ج۱ ص۵۵ حديث ۱۷۵ دارالڪتب العلمية بيروت)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! اڪثر ڪري اسان کي سفر جي ضرورت پيش ايندي آهي، تنهنڪري اسان ڪوشش ڪري سفر جون به ڪجھ نه ڪجھ سُنّتون ۽ آداب سکي وٺون ته جيئن ان تي عمل ڪري اسان پنهنجي سفر کي ثواب حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻائي سگھون. * ممڪن هجي ته خميس جي ڏينهن سفر شروع ڪرڻ سُنّت آهي. (اشعة اللمعات،ج۵،ص۱۶۱) * جيڪڏهن سهولت هجي ته رات جو سفر ڪيو وڃي جو رات جو سفر جلدي طيءِ ٿيندو آهي * جيڪڏهن ڪجھ اسلامي ڀائر ملي ڪري مدني قافلي جي صورت ۾ سفر ڪن ته ڪنهن هڪ کي امير بڻائي وٺن. * روانو ٿيڻ وقت عزيزن، دوستن کان قصور معاف ڪرايو ۽ جن کان معافي طلب ڪئي وڃي ان تي لازم آهي ته دل سان معاف ڪري ڇڏين. (بہارِ شريعت،حصہ ۶،ص۱۹) * سفر جو لباس پائي جيڪڏهن مڪروھ وقت نه هجي ته گھر ۾ (4) رڪعتون نفل اَلْحَمْدُ وَ قُلْسان پڙهي ٻاهر نڪرو، اهي رڪعتون واپسي تائين اهل ۽